دَلَائِلُ الْخَيْرَاتِ
ڀلاين جون نشانيون
Sd
اَلنِّيَّةُ | Intentions
اَللَّهُمَّ إِنِّي نَوَيْتُ بِالصَّلَوٰةِ عَلَى النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ امْتِثَالاً لِّأَمْرِكَ وَتَصْدِيقًا لِنَبِيِّكَ مُحَمَّدٍ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَمَحَبَّةً فِيهِ وَشَوْقًا إِلَيْهِ وَتَعْظِيمًا لِّقَدْرِهِ وَلِكَوْنِهِ أَهْلاً لِّذَلِكَ
اي الله! بيشڪ مان تنهنجي حڪم جي تعميل، تنهنجي نبي محمد ﷺ جي تصديق، سندس محبت، شوق ۽ مرتبي جي تعظيم خاطر ۽ ان ڪري جو پاڻ ﷺ ان جا اهل آهن، درود شريف جي نيت ڪريان ٿو
فَتَقَبَّلْهَا مِنِّي بِفَضْلِكَ وَإِحْسَانِكَ وَأَزِلْ حِجَابَ الْغَفْلَةِ عَنْ قَلْبِي وَاجْعَلْنِي مِنْ عِبَادِكَ الصَّالِحِينَ.
پوءِ پنهنجي فضل ۽ احسان سان اهو مون کان قبول فرماءِ، منهنجي دل تان غفلت جو پردو هٽائي ڇڏ ۽ مونکي پنهنجي صالح ٻانهن مان بڻاءِ
اَللَّهُمَّ زِدْهُ شَرَفًا عَلَىٰ شَرَفِهِ الَّذِيٓ أَوْلَيْتَهُ. وَعِزًّا عَلَىٰ عِزِّهِ الَّذِيٓ أَعْطَيْتَهُ.
اي الله! سندس ان شرف تي وڌيڪ شرف عطا ڪر جيڪو تو کيس بخشيو، ۽ سندس ان عزت تي وڌيڪ عزت عطا ڪر جيڪا تو کيس عنايت ڪئي
وَنُورًا عَلَىٰ نُورِهِ الَّذِي مِنْهُ خَلَقْتَهُ وَأَعْلِ مَقَامَهُ فِي مَقَامَاتِ الْمُرْسَلِينَ. وَدَرَجَتَهُ فِي دَرَجَاتِ النَّبِيئِينَ.
۽ سندس ان نور تي وڌيڪ نور عطا ڪر جنهن مان تو کيس تخليق ڪيو، ۽ رسولن جي مقام ۾ سندس مقام ۽ نبين جي درجن ۾ سندس درجو بلند فرماءِ
وَأَسْئَلُكَ رِضَاكَ وَرِضَاهُ يَا رَبَّ الْعَالَمِينَ. مَعَ الْعَافِيَةِ الدَّآئِمَةِ وَالْمَوْتِ عَلَى الْكِتَابِ وَالسُّنَّةِ وَالْجَمَاعَةِ وَكَلِمَتَيِ الشَّهَادَةِ عَلَىٰ تَحْقِيقِهَا مِنْ غَيْرِ تَبْدِيلٍ وَّلَا تَغْيِيرٍ.
اي رب العالمين! مان تنهنجي ۽ سندس رضا، دائمي عافيت، ۽ ڪتاب، سنت، جماعت ۽ ڪلمه شهادت جي حقيقت تي بغير ڪنهن تبديليءَ يا ڦيرڦار جي موت جو سوالي آهيان
وَاغْفِرْ لِي مَا ارْتَكَبْتُهُ بِفَضْلِكَ وَجُودِكَ وَكَرَمِكَ يَآ أَكْرَمَ الْأَكْرَمِينَ.
۽ جيڪي گناهه مون کان سرزد ٿيا آهن، تن کي پنهنجي فضل، جود ۽ ڪرم سان معاف فرماءِ، اي سڀني سڳورن کان وڌيڪ ڪريم
وَصَلَّى اللَّهُ عَلَىٰ سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ خَاتَمِ النَّبِيِّينَ وَإِمَامِ الْمُرْسَلِينَ. وَعَلَىٰٓ ءَالِهِ وَصَحْبِهِ أَجْمَعِينَ. وَسَلَامٌ عَلَى الْمُرْسَلِينَ. وَالْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ.
۽ الله تعاليٰ اسان جي سردار محمد ﷺ، جيڪي خاتم النبيين ۽ امام المرسلين آهن، سندن آل ۽ اصحابن سڀني تي رحمتون نازل فرمائي، ۽ رسولن تي سلام ۽ سڀ تعريفون الله رب العالمين لاءِ آهن