أَشْرَقَتْ أَنْوَارْ مُحَمَّد
محمد جا انوار چمڪي پيا
Sd
Sd
أَشْرَقَتْ أَنْوَارْ مُحَمَّد
عِنْدَمَا هَلَّ الْرَّبِيع
محمد ﷺ جا نور چمڪي پيا
جڏهن ربيع جي آمد ٿي
يَا لَهُ مَوْلُودْ مُمَجَّدْ
صَانَهُ اللهُ السَّمِيع
واهه! ڪيڏو نه عظمت وارو مولود آهي
جنهن جي حفاظت سميع الله ڪئي
لَيْلَةُ الإِثْنَيْنِ وَضَعَتْ
آمِنَةْ خَيْرَ الأَنَام
سومر جي رات امنه بيبي ڄڻيو
سڀني انسانن ۾ بهترين کي
مَعْ طُلُوعِ الْفَجْرِ سَمِعَتْ
أَنَّهُ وُلِدَ الْشَّفِيعْ
پرهه ڦٽيءَ مهل هي ٻڌو ويو
ته شفاعت فرمائيندڙ پيدا ٿي ويو