صَلِّ يَا سَلَامْ عَلَى الْوَسِيلَةْ
اي سلام، وسيلي تي درود موڪل
Sd
صَلِّ يَا سَلَامْ عَلَى الْوَسِيلَةْ
وَشَمْسِ الْأَنَامْ طَلْعَةِ لَيْلَى
اي سلام جا سرچشما، درود موڪل ان عظيم وسيلي تي
جيڪو خلق جو سج ۽ حسنِ ليليٰ جو مظهر آهي
يَا سَاقِي الْعُشَّاقْ أَمْلَ الْكُؤُوسَا
مِنْ خَمْرِ الْأَذْوَاقْ يُحْيِي النُّفُوسَا
اي عاشقن جا ساقي، ڀري ڏي اهي جام
ذوق جي ان شراب سان جيڪو روحن کي جياري ٿو
حَضْرَةُ الْإطْلَاقْ أَبْدَتْ شُمُوسَا
مَحَتِ الرَّوَاقْ عَنْ وَجْهِ لَيْلَى
حضورِ اطلاق مان ڪيترائي سج اڀري آيا
جن ليليٰ جي رخسار تان حجابن کي مٽائي ڇڏيو
صَلِّ يَا سَلَامْ عَلَى الْوَسِيلَةْ
وَشَمْسِ الْأَنَامْ طَلْعَةِ لَيْلَى
اي سلام جا سرچشما، درود موڪل ان عظيم وسيلي تي
جيڪو خلق جو سج ۽ حسنِ ليليٰ جو مظهر آهي
مُبْتَغَى الْعُشَّاقْ حِينَ تَجَلَّى
فِي ذَاتِ الْخَلَّاقْ اَلْمَوْلَى جَلَّ
عاشقن جي مراد جڏهن تجلي بڻجي ظاهر ٿي
خالقِ اڪبر جي ذات ۾ جيڪو بلند و برتر موليٰ آهي
مِنْ بَحْرِ الْإِطْلَاقْ حِينَ تَجَلَّى
بِكُلِّ رَوْنَقْ جَمَالُ لَيْلَى
لاانتها جي سمنڊ مان جڏهن جلوو نروار ٿيو
پنهنجي پوري رونق سان، ليليٰ جي سونهن وانگر
صَلِّ يَا سَلَامْ عَلَى الْوَسِيلَةْ
وَشَمْسِ الْأَنَامْ طَلْعَةِ لَيْلَى
اي سلام جا سرچشما، درود موڪل ان عظيم وسيلي تي
جيڪو خلق جو سج ۽ حسنِ ليليٰ جو مظهر آهي
صَاحَتِ الْأَطْيَارْ فَوْقَ الْمَنَابِرْ
وَفَاحَ الْأَزْهَارْ وَالرَّوْضُ عَاطِرْ
منبرن تي پکين لاتيون لاهيون
گلن جي خوشبو ڦهلجي وئي ۽ گلشن واسجي ويو
رَنَّتِ الْأَوْتَارْ وَالْحِبُّ حَاضِرْ
غَنِّ يَا خَمَّارْ بِحُسْنِ لَيْلَى
تندون وڄي اٿيون جڏهن محبوب حاضر ٿيو
اي ساقي، ليليٰ جي حسن جا گيت ڳاءِ
صَلِّ يَا سَلَامْ عَلَى الْوَسِيلَةْ
وَشَمْسِ الْأَنَامْ طَلْعَةِ لَيْلَى
اي سلام جا سرچشما، درود موڪل ان عظيم وسيلي تي
جيڪو خلق جو سج ۽ حسنِ ليليٰ جو مظهر آهي
يَا عَيْنَ الْعُيُونْ ظَهَرْتَ جَهْرَا
بِجَمْعِ الْفُنُونْ كَأْسًا وَخَمْرَا
اي چشمن جا چشم، تون کليل طور پڌرو ٿئين
هر تمثيل ۾، پيالي ۾ ۽ شراب ۾
زَالَتِ الشُّجُونْ طَابَتِ الْحَضْرَةْ
بِالسِّرِّ الْمَكْنُونْ مِنْ كَنْزِ لَيْلَى
سڀ غم مٽجي ويا ۽ محفل پرنور ٿي وئي
ليليٰ جي خزاني جي پوشيده راز سان
صَلِّ يَا سَلَامْ عَلَى الْوَسِيلَةْ
وَشَمْسِ الْأَنَامْ طَلْعَةِ لَيْلَى
اي سلام جا سرچشما، درود موڪل ان عظيم وسيلي تي
جيڪو خلق جو سج ۽ حسنِ ليليٰ جو مظهر آهي
اِبْنُ يَلِّسْ هَامْ لَمَّا سُقِيَا
مِنْ خَمْرِ الْأَذْوَاقْ فَانِي بَاقِيَا
ابن يلس مست ٿي ويو جڏهن کيس پياريو ويو
ذوق جي ان شراب مان، هو فنا ٿيو ۽ بقا ماڻيائين
عَلَيْكَ السَّلَامْ خَيْرَ الْبَرِيَّةْ
مَا سُقِيَ الْمُدَامْ فِي حَيِّ لَيْلى
توهان تي سلام هجي اي بهترينِ خلق
جيستائين ليليٰ جي محفل ۾ مئي نوشي جاري رهي