خَبِّرِي يَا نُسِيْمَةْ عَنْ مُغْرَم
اي نسيم! عاشق جو احوال ٻڌاءِ.
Sd
خَبِّرِي يَا نُسِيْمَةْ عَنْ مُغْرَمْ
شَجِي وَلْهَانْ عَاشِقِ الْأَنْوَارْ
اي نسيم سحر! ان عاشق جي خبر ڏي
جيڪو غمن ۾ ورتل، مدهوش ۽ نورن جو عاشق آهي
أَنْتِ عَنِّي اشْتَكِي لُهْ عَنْ حَالِي
طُولَ اللَّيَالِي سَهْرَانْ كَيْ أَرَى الْمُخْتَارْ
منهنجي پاران کيس منهنجي حال جي دانهن ڏي
ته مان سڄيون راتيون جاڳان ٿو ته جيئن مختار ﷺ جو ديدار ڪريان
مَنْ يَلُمْنِي فِي غَرَامِي طَالَمَا عَاشِقْ جَمَالَكْ
كُنْ شَفِيعِي يَا تِهَامِي جُدْ تَعَطَّفْ بِنَوَالَكْ
تنهنجي حسن جي عاشق کي منهنجي عشق تي ڪير ميار ڏيندو؟
اي تهامي! منهنجا شفيءَ بڻجو ۽ پنهنجي عطا سان ڪرم فرمايو
يَا مُحَمَّدْ يَا مُمَجَّدْ يَا مُؤَيَّدْ بِالْشَّفَاعَةْ
هَا أَنَا عِنْدَ بَابِك أَرْتَجِي الْأَنْظَارْ
اي محمد ﷺ! اي بزرگي وارا! اي شفاعت سان نوازيل!
مان تنهنجي در تي بيٺو تنهنجي نگاهه ڪرم جو منتظر آهيان