مَا مَعِي وَجَهْ قَابِل بِهْ سِوَى حُسُنْ ظَنِّي
مون وٽ توکي منهن ڏيڻ لاءِ سواءِ منهنجي حسنِ ظن جي ٻيو ڪجهه ناهي.
Sd
مَا مَعِي وَجَهْ قَابِل بِهْ سِوَى حُسُنْ ظَنِّي
فِيكْ يَا رَبِّ فَارْحَمْنِي وَلَا تَمْتَحِنِّي
مون وٽ تنهنجي بارگاهه ۾ اچڻ لاءِ تنهنجي سٺي گمان کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي
تنهنڪري اي منهنجا رب! مون تي رحم ڪر ۽ مونکي آزمائش ۾ نه وجهه
تُبْتْ يَا رَبِّ فَاقْبَلْ تَوْبَتِي وَاعْفُ عَنِّي
وَامْحُ ذَنْبِي وَسَامِحْ كُلَّ تَقْصِيرْ مِنِّي
مون توبه ڪئي آهي، اي منهنجا پالڻهار! منهنجي توبه قبول ڪر ۽ مونکي معاف ڪر
منهنجا گناهه مٽائي ڇڏ ۽ منهنجي هر ڪوتاهيءَ کان درگذر فرماءِ
خِفِتْ مِنْ عَاقِبَةْ أَمْرِي فَجُدْ لِي بِأَمْنِي
مَحِضْ فَضْلٍ وَإِحْسَانٍ وَجُودٍ وَمَنِّ
آءٌ پنهنجي انجام کان ڊڄان ٿو، تنهنڪري پنهنجي ڪرم سان مونکي امن عطا ڪر
صرف پنهنجي فضل، احسان، سخاوت ۽ مهربانيءَ سان
آه مِنْ عَثْرَتِي يَا رَبِّ مِنْهَا أَقِلْنِي
زَادْ ذَنْبِي وَمِنْ كُثْرِ الْخَطَا حَارْ ذِهْنِي
افسوس منهنجي لغزش تي، اي منهنجا رب! مونکي ان مان اٿار
منهنجا گناهه وڌي ويا آهن ۽ گهڻين خطائن سبب منهنجو عقل حيران آهي
أَدْرِكْ أَدْرِكْ بِتَعْجِيلِ الْفَرَجْ وَانْتَقِدْنِي
وَاعْطِنِي عِلِمْ مِنْكَ يَا إِلَهِي لَدُنِّي
منهنجي واهر ڪر، منهنجي مدد ڪر، جلد ڪشادي ڪري مونکي ڇوٽڪارو ڏي
۽ اي منهنجا معبود! مونکي پنهنجي طرفان علمِ لدني عطا ڪر
يَنْجَلِي بِهْ عَنِ الْقَلْبِ الْصَّدِى كُلَّ رَيْنِ
ياَ سَمِيعَ الْدُّعَاءْ سَلْكَ اسْتَجِبْ وَاسْتَمِعْنِي
جنهن سان دل تان زنگ ۽ هر قسم جو مِيڻُ (پردو) صاف ٿي وڃي
اي دعائون ٻڌندڙ! منهنجي دعا قبول ڪر ۽ مونکي سڻ
مَا لِي إِلَّا أَنْتَ مُعْطِي
مَا لِي إِلَّا أَنْتَ مُغْنِي
تو کانسواءِ منهنجو ٻيو ڪو عطا ڪندڙ ناهي
تو کانسواءِ مونکي ڪو غني (امير) ڪندڙ ناهي