بَحِبَّك وَ بَرِيْدَك
مان توکي پيار ڪريان ٿو ۽ تنهنجي سِڪ اٿم
Sd
بَحِبَّك وَ بَرِيْدَك
وَاتْمَنَّى أَبُوس إِيدَك
آئون توهان سان محبت ڪريان ٿو ۽ توهان جي چاهت رکان ٿو
۽ تمنا اٿم ته توهان جي مبارڪ هٿن کي چمان
خَدَّامَك وَمُرِيدَك
يَا جَدَّ الْحَسَنَيْن
مان توهان جو خادم ۽ توهان جو مريد آهيان
اي حسنين جا نانا سائين
حَبِيْبِي مُحَمَّد
مَفِيشْ زَيُّه اتْنِين
منهنجو محبوب محمد صلي الله عليه وسلم
جنهن جهڙو ٻيو ڪو ناهي
حُبُّه سَاكِن قَلْبِي
يَزِيد كُلِّ اتْنَيْنِ
سندن محبت منهنجي دل ۾ مقيم آهي
۽ اها هر گهڙي وڌندي رهي ٿي
جَمَالُه وَ دَلَالُه
مِتْغَطِي بْجَلَالُه
سندن حسن ۽ سندن معصوميت
سندن جلال جي پردي ۾ ڍڪيل آهن
وَتِقْعُد قْبَالُه
تُشُوفْهُم الِاتْنَيْن
جڏهن توهان سندن سامهون ويهو ٿا
ته توهان انهن ٻنهي صفتن کي گڏ ڏسو ٿا
بَحِبَّك وَ بَرِيْدَك
وَاتْمَنَّى أَبُوس إِيدَك
آئون توهان سان محبت ڪريان ٿو ۽ توهان جي چاهت رکان ٿو
۽ تمنا اٿم ته توهان جي مبارڪ هٿن کي چمان
خَدَّامَك وَمُرِيدَك
يَا جَدَّ الْحَسَنَيْن
مان توهان جو خادم ۽ توهان جو مريد آهيان
اي حسنين جا نانا سائين
يَا أَجْمَل هَدِيَّة
مِنْ رَبِّ الْبَرِيَّة
اي سڀ کان سهڻو تحفو
سڄي مخلوق جي پالڻھار پاران
لِكُلِّ الدُّنْيَا دِيَّا
يَا جَدَّ الْحَسَنَيْن
هن سڄي جهان جي لاءِ موڪليل
اي حسنين جا نانا سائين
مَاهْوِنْتَ قَمَرْهَا
وَانْتَ اللِّي مُنَوِرْهَا
توهان ئي ته هن جهان جا چنڊ آهيو
توهان ئي ان کي روشن ڪندڙ آهيو
وَمْفَتَاح اسَرَارْهَا
يَا جَدَّ الْحَسَنَيْن
۽ ان جي رازن جي ڪنجي آهيو
اي حسنين جا نانا سائين
بَحِبَّك وَ بَرِيْدَك
وَاتْمَنَّى أَبُوس إِيدَك
آئون توهان سان محبت ڪريان ٿو ۽ توهان جي چاهت رکان ٿو
۽ تمنا اٿم ته توهان جي مبارڪ هٿن کي چمان
خَدَّامَك وَمُرِيدَك
يَا جَدَّ الْحَسَنَيْن
مان توهان جو خادم ۽ توهان جو مريد آهيان
اي حسنين جا نانا سائين
حَبِيبِي وَعْنَيَّا
أَحْمَد ضَيّ عْنَيَّا
منهنجو محبوب ۽ منهنجي اکين جو نور
احمد منهنجي نظر جي روشني آهي
أَنْتَ الْغَالِي عَلَيَّا
يَا جَدَّ الْحَسَنَيْن
توهان مون کي سڀني کان وڌيڪ عزيز آهيو
اي حسنين جا نانا سائين
وَبِنْتَك الْبَتُول
يَا عُيُونَ الرَّسُول
۽ توهان جي نياڻي بتول
اي رسول جي اکين جي ٿڌاڻ
نَرْجُو مِنْكُم قَبُول
يَا جَدَّ الْحَسَنَيْن
اسان توهان کان قبوليت جي اميد رکون ٿا
اي حسنين جا نانا سائين
بَحِبَّك وَ بَرِيْدَك
وَاتْمَنَّى أَبُوس إِيدَك
آئون توهان سان محبت ڪريان ٿو ۽ توهان جي چاهت رکان ٿو
۽ تمنا اٿم ته توهان جي مبارڪ هٿن کي چمان
خَدَّامَك وَمُرِيدَك
يَا جَدَّ الْحَسَنَيْن
مان توهان جو خادم ۽ توهان جو مريد آهيان
اي حسنين جا نانا سائين
شُوفْتُه أَنِي قُصَادِي
اتْكَسَفْت أَنَادِي
جڏهن مون کين پنهنجي سامهون ڏٺو
ته حيا وچان کين پڪاري نه سگهيس
وِبْقَلْبِي سُهَادِي يَا جَدِّي
يَا جَدَّ الْحَسَنَيْن
جڏهن ته منهنجي دل تڙپ ۾ بي قرار هئي
اي منهنجا نانا، اي حسنين جا نانا سائين!
يِنْدَهْلِي وَاجِيلُه
يِفْرِشْلِي مَنْدِيلُه
هو مون کي سڏين ٿا ۽ مان وٽن حاضر ٿيان ٿو
هو مون لاءِ پنهنجي چادر وڇائين ٿا
حَبِيبِي أَنَادِيلُه
يَا جَدَّ الْحَسَنَيْن
منهنجو محبوب، مان کين پڪاريان ٿو
اي حسنين جا نانا سائين