صَفَتِ النَّظْرَهْ
نظر صفا ٿي
Sd
صَفَتِ النَّظْرَهْ طَابَتِ الْحَضْرَةْ
جَاءَتِ الْبُشْرَى لِأَهْل اللهِ
نظر صفا ٿي، محفل مٺي ٿي
الله وارن لاءِ خوشخبري آئي
قَامُوْا سُكَارَى لِذِي الْبِشَارَه
جَعْلَوْا عِمَارَهْ شُكْراً لِلّهِ
بشارت ٻڌي هو مست ٿي اٿيا
الله جي شڪر ۾ ذڪر جي محفل مچايائون
أَيُّهَا الْحَاضِرْ اُذْكُرْ وَذَاكِرْ
إِيَّاكَ تُنْكِرْ حَالَ أَهْلِ اللهِ
اي حاضر! ذڪر ڪر ۽ ياد ڏيار
الله وارن جي حال جو هرگز انڪار نه ڪجانءِ
فَسَلِّمْ لَهُمْ فِيمَا عَرَاهُمْ
وَاعْلَمْ أَنَّهُمْ غَابُوْا فِي اللهِ
جيڪو مٿن طاري ٿئي ان ۾ سندن اڳيان سر جهڪاءِ
۽ ڄاڻ ته اهي الله جي ياد ۾ گم ٿي ويا آهن
فَالْوَجْدُ بِهِمْ دَاعِيْ يَدْعِيْهِمْ
يَطْرَأْ عَلَيْهِمْ فِيْ ذِكْرِ اللهِ
وجد هڪ سڏيندڙ آهي جيڪو کين سڏي ٿو
جيڪو مٿن الله جي ذڪر دوران وارد ٿئي ٿو
وَمَنْ لَمْ يَجِدْ فَلْيَتَوَاجَدْ
قَصْداً يَتَعَرَّضْ لِفَضْلِ اللهِ
جنهن کي وجد نه ملي اهو وجد جي ڪوشش ڪري
ارادي سان پاڻ کي الله جي فضل لاءِ پيش ڪري
هَكَذَا قَالُوْا وَلِذَا مَالَوْا
وَلَقَدْ غَالُوْا فِي ذِكْرِ اللهِ
ائين هنن فرمايو ۽ ان ڪري ئي جهوميا
۽ الله جي ذڪر ۾ مست ٿي ويا
حَتَّى قَدْ ظَنَّا مَنْ لَيْسَ مِنَّا
أَنَّا جُنِنَّا بِذِكْرِاللهِ
ايتري تائين جو جيڪي اسان مان نه هئا تن گمان ڪيو
ته اسين الله جي ذڪر ۾ ديوانا ٿي ويا آهيون
هَنِيْئاً لَنَا ثُمَّ بُشْرَانَا
إِنْ كَانَ لَنَا حُمْقٌ فِي اللهِ
اسان کي مبارڪ هجي ۽ وري خوشخبري
جيڪڏهن اسان جي هيءَ ديوانگي الله جي واٽ ۾ آهي