يَـا سَـيِّـدَ الرُّسْـلِ غَـارَة
يا سيد الرسل، پناھ ڏيو
Sd
الله الله يَا الله الله الله يَا الله
يَـا رَبِّ صَـلِّ عَـلَـى الـمُخْتَارِ خَيْرِ العَبِيدْ
الله الله يا الله الله الله يا الله
اي منهنجا رب! درود موڪل مختار ﷺ تي، جيڪو سڀني ٻانهن کان ڀلو آهي
يَـا سَـيِّـدَ الرُّسْـلِ غَـارَةْ لِأَقَـلِّ الـعَـبِـيـدْ
بِـوَصْلِ مَـحْبُوبِ قَـلْبِي يَـنْطَفِي ذَا الوَقِيدْ
اي رسولن جا سردار! هن ڪمترين ٻانهي جي مدد فرماءِ
منهنجي دل جي محبوب سان وصال ذريعي، هيءَ (فراق جي) باهه وسامي وڃي ٿي
قَـدْ يَـجْـمَـعُ اللهُ مِـنْ بَعْدِ الأَيَـاسِ البَعيدْ
وَكَيْفَ آيِسْ وَهُـوْ قَـادِرْ عَـلَـى مَـا يُرِيـدْ
شل الله تعاليٰ گهڻي نااميديءَ کان پوءِ وصال عطا فرمائي
۽ مان ڪيئن نااميد ٿيان، جڏهن ته هو جيڪو گهري تنهن تي قادر آهي
نَـذَرْتُ شَافْعَلْ إذَا شَاهَدْتُ عَيدِيدَ عِيدْ
يَــا وَادِيَ الغِيدِ ذِي مَــا مِثْلُهُمْ قَــطُّ غِيدْ
مون باس باسي هئي ته مان ڇا ڪندس جڏهن عيديد کي عيد جي ڏينهن ڏسندس
اي نازنينن جي وادي! جنهن جهڙو ڪو ٻيو ڪونهي
قُـولُـوا لَـهُـمْ: مَـا تَـرِقُّوا لِلغَرِيبِ الوَحِيدْ
مَـهْـلاً مِـنَ البُعْدِ مَهْلاً مَـا عَـلَـى ذَا مَزِيدْ
کين چئو ته: ڇا توهان کي هن اڪيلي مسافر تي رحم نٿو اچي؟
هن دوريءَ کي بس ڪريو، جو هاڻي وڌيڪ سهڻ جي سگهه ناهي
وَلَا بَـلـي قَــطّْ شَوْقِي غَـيـرَ دَائِـمْ جَدِيدْ
لِعَيْدَرُوسِ الـمَـعَـالِـي ثُــمَّ سَعْدِ السَّعِيدْ
منهنجو شوق ڪڏهن مٽجڻ وارو ناهي، پر هميشه نئون ۽ دائمي آهي
بلند درجن واري عيدروس لاءِ، ۽ وري نيڪ بخت سعد لاءِ
كَـمْ دَمَّـرُوا لِـي أَعَـادِي رُبَّ ظَـالِـمْ عَنِيدْ
وَأَنَا بِهِم إِنْ قَصَرْ جَهْدِي فِي النَّاسِ جِيدْ
هنن منهنجا ڪيترائي دشمن ۽ ضدي ظالم تباهه ڪيا
۽ مان انهن جي ڪري ئي ماڻهن ۾ معزز آهيان، توڻي جو منهنجي پنهنجي ڪوشش گهٽ آهي
وَكُـلُّ عَـامٍ يَـقُـولُــوا هَــانْ وَأَنــا أَزِيــدْ
بِـعَـونِ رَبِّـي وَأَخْـتِـمْ بِـالـوَلِـيِّ الـحَمِيدْ
هر سال اهي چون ٿا ته هو گهٽجي ويو، پر مان وڌندو رهان ٿو
پنهنجي رب جي مدد سان، ۽ مان (پنهنجي ڪلام جو) خاتمو ساراهيل وليءَ تي ڪريان ٿو
صَـلُّـوا عَـلَـى أَحْـمَـدْ وَمَـنْ صَلَّـى عَـلَـى أَحْـمَـدْ يُـفِـيـدْ
احمد ﷺ تي درود موڪليو، جو جنهن احمد ﷺ تي درود پڙهيو تنهن نفعو پاتو