أَلْفٍ صَلَّى الله عَلَى زَيْنِ الْوُجُودْ
وجود جي زينت تي الله جون هزار رحمتون
Sd
أَلْفٍ صَلَّى الله عَلَى زَيْنِ الْوُجُودْ
مَنْ سَكَنْ طَيْبَة وَخَيَّمْ في زَرُودْ
هزارين درود هجن الله جا وجود جي زينت تي
جيڪو طيبه ۾ رهيو ۽ جنهن زرود ۾ خيمو هنيو
يَا بُدُورَ الْحَيِّ يَا رَبْعَ الْكِرَامْ
بَلِّغُو ظَبْيَ الْحِمَى مِنِّي السَّلَامْ
اي بستيءَ جا چوڏهينءَ جا چنڊ، اي سڳورن جا گهر
منهنجو سلام پهچايو حرم جي ان هرڻ کي
إِنْ تَهَتَكْنَا عَلَيْكُمْ لَا نُلَامْ
غَلَبَ الْوَجْدُ عَلَيْنَا وَ الْغَرَامْ
جيڪڏهن توهان جي عشق ۾ اسين پڌرا ٿياسين ته ڪا ميار ناهي
اسان تي وجد ۽ محبت مڪمل طور غالب اچي وئي آهي
لَا يَنَامُ اللَّيْلَ عَاشِقْ مُسْتَهَامْ
إِنَّمَا النَّومُ عَلَى الْعَاشِقْ حَرَامْ
هو وائڙو عاشق سڄي رات نٿو سمهي
بيشڪ عاشق تي ننڊ حرام ڪئي وئي آهي
سَادَتِي إِنْ لَمْ تَحِنُّو بِاللِّقَا
مِتُّ وَجْدًا فَلَكُمْ طُولُ الْبَقَاء
اي منهنجا سائين! جيڪڏهن توهان ملاقات سان شفقت نه فرمائي
ته آءٌ فراق ۾ مري ويندس، پر شال توهان سدائين سلامت رهو
أَنَا إِنْ لَمْ أَهْوَا غِزْلَانَ النَّقَاء
أَيُّ فَرْقٍ بَيْنَ قَلْبِي وَ الْجَمَادْ
جيڪڏهن مان ”نقيٰ“ جي هرڻن سان پيار نه ڪريان
ته پوءِ منهنجي دل ۽ بي جان پٿر ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
آنَسَ اللهُ بِكُمْ أَوْقَاتَنَا
وَسَقَى وَادِيكُمُ فَيْضَ الْغَمَامْ
الله اسان جي وقتن کي توهان سان پرمسرت ڪري
۽ توهان جي واديءَ کي وسندڙ ڪڪرن سان سيراب ڪري نياز ڪريو