مَا لِلنِّيَاقِ إِذَا حَدَا جَمَّالُهَا
ڇا ٿيو آهي ڏاچين کي، جڏهن سندن ساربان کين حدا ٻڌائي ٿو؟
Sd
Sd
مَا لِلنِّيَاقِ إِذَا حَدَا جَمَّالُهَا
تَدَعُ الْعَنَاءَ وَلَا تَمَلُّ مَلَالَهَا
ڇا ٿيو آھي ڏاچين کي جڏهن ساربان بيت ٿو ٻولي
ٿڪاوٽ ڇڏي ٿيون ڏين ۽ پنڌ کان بيزار نٿيون ٿين
وَتَرَىٰ لَهَا فِي السَّيْرِ جِدًّا وَاضِحًا
شَوْقًا تَمُدُّ يَمِينَهَا وَشِمَالَهَا
سندن چال ۾ تون هڪ چٽو عزم ٿو ڏسين
شوق وچان اهي سڄي ۽ کٻي پاسي واجهائين ٿيون
وَتَبَاشَرَتْ لَمَّا أَتَتْ بَدْرًا رَأَتْ
نُورَ النَّبِيِّ الْهَاشِمِيِّ بَدَا لَهَا
جڏهن اهي پهتيون ته خوشيون ملائڻ لڳيون ۽ "بدر" کي ڏٺائون
ته هاشمي نبي ﷺ جو نور سندن سامهون پڌرو ٿيو
غَنِّ لَهَا يَا سَعْدُ بِاسْمِ مُحَمَّدٍ
فَلَعَلَّهَا تُصْغِي لِمَنْ غَنَّىٰ لَهَا
اي سعد! کين محمد ﷺ جي نالي سان بيت ٻڌاءِ
من اهي ان ڏانهن ڪن لڳائين جيڪو سندن لاءِ ٻولي ٿو