أَيَا مُرِيْدَ الله
Sd
الله الله الله الله سَيَّدِي الله
الله الله الله اَلْعَظِيْمُ الله
الله الله الله الله منهنجو مالڪ الله
الله الله الله وڏو آهي الله
أَيَا مُرِيْدَ اللهُ نُعِيدْ لَكْ قَوْلِ اصْغَهْ
إِذَا تَفْهَمْ قَوْلِي بِهِ تَصِلْ لِلّهْ
اي الله جا طالب، توکي اها ڳالهه ٻڌايان ٿو ڪن لائي ٻڌ
جيڪڏهن منهنجي ڳالهه سمجهندين ته ان ذريعي الله کي رسندين
عَلَيْكَ يَا مُرِيدْ بِخَمْرَةِ التَّوْحِيدُه
وَإِنْ تَبْغِ الْمَزِيدْ فَالْغَيْرُ عَنْكَ انْسَهْ
اي مريد، توحيد جي مئه کي پاڻ تي لازم ڪر
۽ جيڪڏهن وڌيڪ طلب اٿئي ته غير کي وساري ڇڏ
فَاذْكُرْ الاسْمَ الْأَعْظَمْ وَاطْوِ الْكَوْنَ تَغْنَمْ
وَخُضْ بَحْرَ الْقِدَمْ فَذَاكَ بَحْرُ الله
پوءِ اسمِ اعظم جو ذڪر ڪر ۽ ڪائنات کي طئي ڪري ڪامياب ٿي
۽ قديم جي سمنڊ ۾ گهڙ ته اهو ئي الله جو سمنڊ آهي
وَخُضْ بَحْرَ الْأَنْوَارْ وَالْمَعْنَى وَالْأَسَرَارْ
وَافْنِ هَذِي الدِّيَارْ يَبْلُغْ قَلْبُكْ مُنَاهْ
انوارن، معنائن ۽ اسرارن جي سمنڊ ۾ غوطا هڻ
۽ هنن مڪانن کي فنا ڪر ته تنهنجي دل پنهنجي مراد کي پهچي
وَلْتَفْنَ في الْمَعْبُودْ تَذُوقْ مَعْنَى الشُّهُودُ
إِذْ لَيْسَ ذَا الْوُجُودْ إِلَّا مِنْ نُورِ الله
معبود ۾ فنا ٿي وڃ ته جيئن مشاهدي جي معنيٰ چکين
ڇو ته هي سڄو وجود الله جي نور کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي
الْمُلْكُ وَالْمَلَكُوتْ كَذَاكَ الْجَبَرُوتْ
فَكُلُهَا نُعُوتْ وَالذَّاتُ مُسَمَّاهُ
هي ملڪ ۽ ملڪوت، ۽ ائين ئي جبروت
هي سڀ ته رڳو صفتون آهن پر ذات ئي مسميٰ آهي
فَغِبْ عَنِ الصِّفَاتْ وَافْنَ في ذَاتِ الذَّاتْ
هَذِي تَلَوُّنَاتْ مَصِيرُهَا لِلِهُ
صفتن کان غائب ٿي وڃ ۽ ذاتِ محض ۾ فنا ٿي
هي ته رڳو رنگينيون آهن جن جي انتها الله ئي آهي
إِلَيْهِ الْمُنْتَهَى وَمِنْهُ الْمُبْتَدَا
وَالْآنَ قَدْ بَدَا وَالْكَوْنُ فِي حُلَاهْ
ان ڏانهن ئي انتها آهي ۽ ان کان ئي ابتدا آهي
هاڻي هو ظاهر ٿي چڪو آهي ۽ ڪائنات سندس سونهن ۾ جلوه گر آهي
لَهُ الْكَوْنُ مِرْآتْ وَمَظْهَرُ الصِّفَاتْ
مُحَمَّدْ نُورُ الذَّاتْ عَلَيْهِ صَلَّى الله
ڪائنات ان لاءِ آئينو ۽ صفتن جو مظهر آهي
محمد ﷺ ذات جو نور آهي، مٿس الله جون رحمتون هجن
الْعَلَاوِيْ يَقُوْلْ قَوْلًا مِنْهُ مَقْبُولُ
تَهِيْمُ بِهِ الْعُقُولْ تَغِيبْ فِي ذَاتِ الله
علاوي هڪ اهڙي ڳالهه چوي ٿو جيڪا مقبول آهي
جنهن ۾ عقل حيران آهن ۽ الله جي ذات ۾ گم ٿي وڃن ٿا