رَبِّي خَلَقْ طَه مِنْ نُورْ
منهنجي رب طهٰ کي نور مان پيدا ڪيو.
Sd
رَبِّي خَلَقْ طَه مِنْ نُورْ فِيهْ اِحْتِرَامْ
نَادَاهُ أَقْبِلْ يَامُخْتَارْ أَنْتَ اْلأَمِينْ
منهنجي پالڻهار طهٰ کي نور مان پيدا ڪيو، جيڪو سراپا عزت آهي
کيس سڏيائين ته اي مختار! اڳتي اچو، اوهان ئي امين آهيو
لَمَّاارْتَقَى الْبَيْتَ الْمَعْمُورْ صَلّى إِمَامْ
وَقَدْ دَنَا مِنْ رَبِّهِ الْبَاهِي الْجَلِيلْ
جڏهن پاڻ بيت المعمور تي بلند ٿيا ته امام ٿي نماز پڙهايائون
۽ پنهنجي سهڻي ۽ جليل رب جي ويجهو ٿيا
إِنْ رُمْتَ أَنْ تَحْظى بِالْحُورْ يَوْمَ الْزِّحَامْ
صَلِّى عَلَى بَاهِي اْلأَنْوَارْ عَيْنِ الْيَقِينْ
جيڪڏهن تون محشر جي ڏهاڙي حورن کي ماڻڻ چاهين ٿو
ته ان انوارن جي تجلي تي درود پڙهه، جيڪو عين اليقين آهي