يَاعُمْدَتِي ياعُدَّتِي
اي منهنجا سهارا، اي منهنجا توشا
Sd
يَاعُمْدَتِي ياعُدَّتِي
يامُنْقِذِي مِنْ شِدَّتِي
اي منهنجا آڌار، اي منهنجا توشه
اي منهنجي تڪليف مان نجات ڏياريندڙ
وَجَّهْتُ لَكَ وِجْهَتِي
عَجِّلْ بِغَوْثِي ياعَظِيمْ
مون تنهنجي ئي طرف پنهنجو رخ ڪيو
اي عظيم، منهنجي فرياد تي تڪڙو پهچ
وَسَخِّرِ الْأَسْبَابَا
وَذَلِّلِ الْصِّعَابَا
وسيلن کي منهنجي لاءِ سازگار ڪر
۽ سڀني مشڪلاتن کي سولو بڻاءِ
وَافْتَحْ لَنَا الْأَبْوَابَا
بِالْنَّصْرِ مِنْكَ ياكَرِيمْ
اسان لاءِ ڪاميابيءَ جا دروازا کولي ڇڏ
پنهنجي مدد سان، اي ڪريم مالڪ
وَرُدَّ كَيْدَ الْكَائِدِ
وَكُلَّ طَاغٍ مَارِدِ
مڪارن جي مڪر کي انهن ڏانهن موٽائي ڇڏ
۽ هر سرڪش وڏائي ڪندڙ کي ختم ڪر
وَحَاسِدٍ مُعَانِدِ
بِحَقِّ سِرْ (طسٓمٓ )
۽ هر ضدي ساڙيندڙ کان بچاءِ
(مقدس) طسٓمٓ جي ڳجهي راز جي صدقي