يَا خَلِقَا الْأَكْوَانْ بِا لْلُّطْفِ عَامِلْنِي
اي ڪائنات جا خالق، مون سان لطف سان پيش اچ.
Sd
يَا خَلِقَا الْأَكْوَانْ
بِا لْلُّطْفِ عَامِلْنِي
اي ڪائنات جا خالق
مون سان لطف وارو معاملو فرماءِ
مَا لِيْ عَمَلْ يُرْضِيْكْ
أَنْتَ الْغَنِيْ عَنِّي
منهنجو ڪو عمل توکي راضي ڪرڻ لائق ناهي
۽ تون ته مون کان بي نياز آهين
يَا وَاهِبَ الْإِحْسَانْ
تَقْوَاكَ أَلْهِمْنِي
اي احسان جا عطا ڪندڙ
مون کي پنهنجي تقويٰ جو الهام فرماءِ
قَدْ خَابَ الَّذِيْ يَعْصِيْكْ
سُبْحَانَكَ ارْحَمْنِي
بيشڪ اهو نامراد ٿيو جيڪو تنهنجي نافرماني ڪري ٿو
تون پاڪ آهين، مون تي رحم فرماءِ
يَا خَلِقَا الْأَكْوَانْ
بِا لْلُّطْفِ عَامِلْنِي
اي ڪائنات جا خالق
مون سان لطف وارو معاملو فرماءِ
مَا لِيْ عَمَلْ يُرْضِيْكْ
أَنْتَ الْغَنِيْ عَنِّي
منهنجو ڪو عمل توکي راضي ڪرڻ لائق ناهي
۽ تون ته مون کان بي نياز آهين
بِمَنْ حَوَى الأَنْوَارْ
وَالْفَضْلَ وَالأَسْرَارْ
ان ذات جي طفيل جنهن ۾ سڀ نُور سمايل آهن
۽ فضيلتون توڙي اسرار پڻ
أَحْمَدْ ضِيَا الأَبْصَارْ
مَنْ مَدْحُهُ فَنِِّي
احمد (صلي الله عليه وآله وسلم) جيڪو اکين جي روشني آهي
جنهن جي مدح منهنجو فن آهي
يَا خَلِقَا الْأَكْوَانْ
بِا لْلُّطْفِ عَامِلْنِي
اي ڪائنات جا خالق
مون سان لطف وارو معاملو فرماءِ
مَا لِيْ عَمَلْ يُرْضِيْكْ
أَنْتَ الْغَنِيْ عَنِّي
منهنجو ڪو عمل توکي راضي ڪرڻ لائق ناهي
۽ تون ته مون کان بي نياز آهين
يَا رَبُّ يَا رَحْمَنُ
صَلِّ يَا ذَا المَنِّ
اي منهنجا رب، اي رحمان
درود موڪل، اي احسان جا مالڪ
عَالْرُّوحِ فِي الأَبْدَانْ
وَالْنُّورِ فِي العَيْنِ
ان روح تي جيڪو جسمن ۾ آهي
۽ ان نور تي جيڪو اکين ۾ آهي
يَا خَلِقَا الْأَكْوَانْ
بِا لْلُّطْفِ عَامِلْنِي
اي ڪائنات جا خالق
مون سان لطف وارو معاملو فرماءِ
مَا لِيْ عَمَلْ يُرْضِيْكْ
أَنْتَ الْغَنِيْ عَنِّي
منهنجو ڪو عمل توکي راضي ڪرڻ لائق ناهي
۽ تون ته مون کان بي نياز آهين
مَا شَعْشَعَتْ أَنْوَارْ
مِنْ رَوْضَةِ الْمُخْتَارْ
جيستائين انوار پيا چمڪن
حضرتِ مختار (صلي الله عليه وآله وسلم) جي روضي مان
وَغَرَّدَتْ أَطْيَارْ
تَشْدُو عَلَى الغُصْنِ
۽ جيستائين پکي پيا تنوارين
ٽارين تي لاتيون لنوائيندي