يَا جَمَالَ النَّبِيِّ يَا حَنَانَ النَّبِيِ
O Beauty of the Prophet, O Compassion of the Prophet
Sd
يَا جَمَالَ النَّبِيِّ
يَا حَنَانَ النَّبِيِ
اي نبي ﷺ جي سونهن
اي نبي ﷺ جي شفقت
وَاللَّهِ الْعَظِيمِ يَا نَاسُ
مَا لِينَا غَيْرُ النَّبِيِ
قسم آ الله عظيم جو اي لوگو
اسان جو نبي ﷺ کانسواءِ ٻيو ڪو ناهي
مَا لِينَا غَيْرُهْ هُوَ
سَاكِن فِي الْقَلْبِ جُوَّة
اسان جو ان کانسواءِ ٻيو ڪو ناهي
هو دل جي گهراين ۾ وسندڙ آهي
دَهْ حَبِيبي وَرُوحُي هُوَ
وَضَمَّنِي سَيِّدُنَا النَّبِي
هو منهنجو محبوب ۽ منهنجو روح آهي
۽ اسان جي آقا نبي ﷺ مون کي سيني سان لاتو
مَا لِينَا غَيْرُهُ ثانِي
طَرْفُهْ أَكْحَلُ رَبَّانِي
اسان جو ان کانسواءِ ٻيو ڪو ناهي
سندن اکيون قدرت طرفان سرميليون آهن
أَبْلَجُ وَرْدِيُّ الْوَجَانِ
حَبِيبُنَا سَيِّدُنَا النَّبِي
روشن چهرو ۽ گلابي رخسار
اسان جو محبوب اسان جو آقا نبي ﷺ
مَا لِينَا غَيْرُ الرَّسُولِ
جَمَالُهُ يَسْبِي الْعُقُولَ
اسان جو رسول ﷺ کانسواءِ ٻيو ڪو ناهي
سندن حسن عقلن کي موهي ٿو وٺي
نَظْرَةً يَا أَبَا الْبَتُولِ
جُدْ بِزَوْرَةٍ يَا نَبِي
هڪ نگاهه اي بتول جا بابا
زيارت جي خيرات عطا ڪريو اي نبي ﷺ
كَفُّكَ يَا طَهَ طَاهِرُ
ذِكْرُكَ سِرُّ الْبَشَايِرِ
توهان جو هٿ مبارڪ اي طهٰ پاڪ آهي
توهان جو ذڪر خوشخبرين جو راز آهي
يَا جَابِرَ لِلْخَوَاطِرِ
اجْبُرْنَا يَا سَيِّدَنَا النَّبِي
اي ٽٽل دلين کي دلاسو ڏيندڙ
اسان جي دلين کي جوڙيو اي اسان جا آقا نبي ﷺ
نُورُ الْمُصْطَفَى أَحْمَدُ
نُورٌ أَزَلِيٌّ سَرْمَدُ
مصطفيٰ احمد ﷺ جو نور
هڪ ازلي ۽ ابدي نور آهي
أَوَّلُ مَا رَبِّي أَوْجَدَ
نُورُكَ يَا سَيِّدَنَا النَّبِي
سڀ کان پهرين جيڪا شيءِ رب پيدا ڪئي
اهو توهان جو نور آهي اي اسان جا آقا نبي ﷺ