بِفَاطِمَةْ قَدْ صَفَا حَالِي
فاطمہ جي طفيل منهنجو حال صفا ٿي ويو.
Sd
بِفَاطِمَةْ قَدْ صَفَا حَالِي وَنِلْتُ الْمَرَامْ
بِضْعَة مُحَمَّدْ حَبِيبِ اللهْ خَيْرِ الْأَنَامْ
فاطمة جي صدقي منهنجو حال سنورجي ويو ۽ مون مراد ماڻي
محمد ﷺ جي جگر جو ٽڪر، الله جو حبيب، جيڪو تمام مخلوق کان ڀلو آهي
أَعْلَى لَهَا اللهْ قَدْراً فِي الْعُلَا وَالْمَقَامْ
نِعْمَ الْبَتُولْ الْرَّضِيَّةْ نُورْ كُلِّ الْظَّلَامْ
الله تعاليٰ سندن قدر ۽ مقام کي بلندين تائين رسايو
ڪيڏي نه سهڻي پاڪدامن ۽ راضي رهندڙ، جيڪا هر اونداهيءَ ۾ نور آهي
أُمِّ الْحَسَنْ وَالْحُسَيْنْ أَهْلِ الْمَرْقَى الْعِظَامْ
لَهُمْ عَطَايَا مِنَ الْمَوْلَى كِبَارٌ جِسَامْ
حسن ۽ حسين جي امڙ، جيڪي وڏي معراج وارا آهن
انهن لاءِ رب پاڪ طرفان عظيم ۽ وڏيون نوازشون آهن
هُمْ سَادَةَ أَهْلِ الْجِنَانِ الْعَالِيَةْ يَا غُلَامْ
مَنْ حَبَّهُمْ صِدِقْ بَا يِسْكُنْ بِدَارِ الْسَّلَامْ
اي نوجوان! هو مٿانهين جنت جي رهواسين جا سردار آهن
جنهن به ساڻن سچي محبت ڪئي، اهو سلامتيءَ واري گهر ۾ رهندو
وَمَنْ تَعَلَّقْ بِهِمْ يَظْفَرْ بِنَيْلِ الْمَرَامْ
أَكْرَمْتِ يَا بِضْعَةَ أَحْمَدْ فَانْعَمِي بِالْتَّمَامْ
۽ جيڪو انهن سان وابسته ٿيو تنهن پنهنجا مقصد ماڻي ورتا
اي احمد ﷺ جا جگر! اوهان وڏي سخا وارا آهيو، تنهنڪري پنهنجو فضل مڪمل فرمايو
وَامْنَحِي عَبْدَكُمْ فِي الْقُرْبْ أَعْلَى وِسَامْ
نَقُومْ بِحَمِلْ الْرَّيَاتِ الْهُدَ أَحْسَنْ قِيَامْ
۽ پنهنجي هن غلام کي قرب جو اعليٰ درجو عطا ڪريو
ته جيئن هدايت جا جهنڊا کڻڻ جو حق بهترين نموني ادا ڪري سگهون
تَعُمْ دَعْوَتُهْ فِي الْأَكْوَانْ كُلِّ الْأَنَامْ
نِلْبَسْ خِلَعْ إِرْثْ مَا يَصِفْ سَنَاهَا كَلَامْ
تان جو نبي ﷺ جي دعوت سڄي ڪائنات ۽ انسانن تائين پهچي
۽ اسان نبوي ورثي جا اهڙا لباس پايون جن جي روشني بيان کان ٻاهر آهي
يَا نُورْ قَلْبِي وَيَا أُمِّي عَلَيْكِ الْسَّلَامْ
فِي كُلِّ حَالٍ وَشَأْنٍ كُلِّ لَحْظَةْ دَوَامْ
اي منهنجي دل جا نور، اي منهنجي امڙ! اوهان تي سلام هجي
هر حال، هر معاملي ۽ هر گهڙي مدامي سلام هجي
عَلَيْكِ صَلَّى إِلَهِي مَعَ أَبِيكِ الْإِمَامْ
إِمَامْ كُلِّ الْوَرَى فِي كُلِّ خَاصٍّ وَعَامْ
منهنجو رب اوهان تي ۽ اوهان جي والد محترم جيڪو امام آهي، رحمتون نازل فرمائي
جيڪو تمام مخلوق، خاص توڙي عام، جو امام آهي
الْشَّافِعِ الْمُبْتَغَ يَوْمَ الْلِّقَاءْ وَالْزَّهَامْ
يَوْمِ الْمَلَائِكْ تُنَادِي جَمِعْ كُلِّ الْأَنَامْ
قيامت ۽ هجوم واري ڏينهن جنهن جي شفاعت جي گهر ڪئي ويندي
جنهن ڏينهن ملائڪ سڄي مخلوق جي ميڙ ۾ پڪاريندا
غُضُّوا أَبْصَارَكُمْ تَمُرْ بِنْتِ الْنَّبِيِ بِالْسَّلَامْ
وَنَكِّسُوا رُؤُوسَكُمْ مَا أَعْظَمَهْ وَاللهْ مَقَامْ
پنهنجون اکيون جهڪايو، نبيءَ ﷺ جي نياڻي سلامتيءَ سان گذري رهي آهي
۽ پنهنجا مٿا نوائيو، الله جو قسم هي ڪيڏو نه عظيم مقام آهي
تِذَكَرِينِي مَعَكِ أَعْبُرْ وَمَنْ لَهُ ذِمَامْ
حَاشَاكِ يَا أُمَّنَا تِنْسِينْ هَذَا الْغُلَامْ
مون کي ياد رکجو ته مان به اوهان جي پناهه ۾ پار لنگهي وڃان
اي اسان جي امڙ! اهو ڪيئن ٿيندو ته اوهان هن غلام کي وساري ڇڏيو
مَحْسُوبَكُمْ يَرْتَجِيهْ مِنْكُمْ بِهِ الْإِهْتِمَامْ
أَنْتُمْ مَرَامُهْ وَمَقْصُودُهْ وَنِعْمَ الْمَرَامْ
اوهان جو پنهنجو اوهان کان توجهه جو گهرجائو آهي
اوهان ئي ان جي مراد ۽ مقصد آهيو، ۽ ڪيڏو نه سهڻو مقصد آهيو
يَا بِنْتَ طه فُؤَادِي فِي مَحَبَّتِكْ هَامْ
وَاللهْ أَنْتُمْ مُرَادِي فِي الْدُّنَا وَالْقِيَامْ
اي طهٰ ﷺ جي نياڻي! منهنجي دل اوهان جي محبت ۾ سرشار آهي
الله جو قسم، اوهان ئي دنيا ۽ آخرت ۾ منهنجي مراد آهيو
وَمَا أَنَا إِلَّا بِكُمْ يَا سَادَتِي يَا كِرَامْ
عَلَيْكِ مَعَ وَالِدِكْ أَزْكَى الْصَّلَاةْ وَالسَّلَامْ
۽ مان جيڪو ڪجهه به آهيان اوهان جي ئي صدقي آهيان، اي منهنجا سخي سردارو
اوهان تي ۽ اوهان جي والد تي پاڪيزه ترين درود ۽ سلام هجي
وَأَهْلِ الْكِسَاءْ وَأَهْلِ بَيْتِهْ عَالِيِّينَ الْمَقَامْ
وَالْصَّحْبْ أَجْمَعْ وَمَنْ عَلَى هُدَاهْ اِسْتَقَامْ
۽ اهلِ ڪسا ۽ سندن گهر وارن تي جيڪي اعليٰ مقام وارا آهن
۽ تمام صحابه ڪرام تي ۽ انهن تي جيڪي هدايت تي ثابت قدم رهيا