مَنْ مِثْلُ أحمد
ڪير آهي احمد جهڙو؟
Sd
اللهْ اللهُ اللهْ اللهُ
اللهْ اللهُ تَبَارَكَ اللهُ
الله الله، الله الله
الله الله، تبارڪ الله
مَنْ مِثْلُ أَحْمَدَ فِي الكَوْنَيْنِ نَهْوَاهُ
بَدْرٌ جَمِيعُ الوَرَى فِي حُسْنِهِ تَاهُوا
ٻنهي جهانن ۾ احمد جهڙو ڪير آهي جنهن سان اسان محبت ڪريون؟
هو اهو چوڏهينءَ جو چنڊ آهي، جنهن جي حسن ۾ سڄي خلق حيران آهي
مَن مِثْلُهُ وَ إِلَهُ الْعَرْشِ شَرَّفَهُ
بِالْخَلْقِ وَ الْخُلْقِ إِنَّ اللَّهَ أَعْطَاهُ
سندس جهڙو ڪير آهي جنهن کي عرش جي مالڪ عزت بخشي
صورت ۽ سيرت ۾، بيشڪ الله کيس نوازيو آهي
وَالشَّمْسُ تَخْجَلُ مِنْ أَنْوَارِ طَلْعَتِهِ
حَارَتْ عُقُولُ الْوَرَى فِي فَهْمِ مَعْنَاهُ
سندس چهري جي نُور کان سج به شرمائي ٿو
سندس حقيقت کي سمجهڻ ۾ سڄي خلق جون عقلون حيران آهن
تَبَارَكَ اللَّهُ مَا أَحْلَى شَمَائِلَهُ
حَازَ الْجَمَالَ فَمَا أَبْهَى مُحَيَّاهُ
تبارڪ الله! سندس خصلتون ڪيتريون نه مٺيون آهن
هن سڄو حسن ماڻيو آهي، سندس چهرو ڪيترو نه روشن آهي
يَا عُرْبَ وَادِي النَّقَى يَا أَهْلَ كَاظِمَةٍ
فِي حَيِّكُمْ قَمَرٌ فِي الْقَلْبِ مَثْوَاهُ
اي واديءَ نقي جا عرب! اي ڪاظمه وارا!
اوهان جي وسنديءَ ۾ اهو چنڊ آهي، جنهن جو مڪان دل ۾ آهي
صَلَّى عَلَيْهِ إِلَهُ الْعَرْشِ مَا طَلَعَتْ
شَمْسٌ وَ مَا حَدْحَدَ الْحَادِي مَطَايَاهُ
مٿس عرش جو مالڪ ايستائين درود موڪلي، جيستائين سج اڀري
۽ جيستائين ساربان پنهنجي اٺن کي راڳ ٻڌائي روانو ڪري
اللهُ بِالْمَدْحِ لِلْمُخْتارِ مَنَّ عَلَيّْ
عَسَى يُرى لِيَ بَيْنَ المَادِحِيْنَ حَلَي
الله مون تي مختار ڪريم جي تعريف جو احسان ڪيو آهي
شل مان به سندس ثنا خوانن جي صف ۾ نظر اچان
إِذَا أَتَيْتُ لِأَقْرَا الصُّحْفَ مِنْ عَمَلِيْ
مَالِي سِوَى مَنْ لَهُ فَضْلٌ يُشِيْرُ إِلَىّ
جڏهن مان پنهنجي عملن جا دفتر پڙهڻ لاءِ ايندس
ته ان صاحبِ فضل کان سواءِ منهنجو ڪو به واهرو نه هوندو جيڪو منهنجي دستگيري ڪري
مُحَمَّدٌ سَيِّدُ الكَوْنَيْنِ وَالثَّقَلَيْـنِ
وَالفَرِيقَيْنِ مِنْ عُرْبٍ وَمِنْ عَجَمِ
محمد صلي الله عليه وسلم ٻنهي جهانن ۽ جن و بشر جا سردار آهن
توڙي عرب هجن يا عجم، ٻنهي گروهه جا پاڻ ئي مالڪ آهن
هُوَ الحَبِيبُ الذِّي تُرْجَى شَفَاعَتُهُ
لِكُلِّ هَوْلٍ مِنَ الأَهْوَالِ مُقْتَحَمِ
پاڻ اهي ئي محبوب آهن جن جي شفاعت جي اميد ڪجي ٿي
هر ان هيبت ناڪ سختيءَ وقت جيڪا اوچتو اچي پهچي
نَبِيُّنَا الآمِرُ النَّاهِي فَلاَ أَحَدٌ
أَبَرَّ فِي قَوْلِ لاَ مِنْهُ وَلاَ نَعَمِ
اسان جا نبي نيڪيءَ جو حڪم ڏيڻ وارا ۽ برائيءَ کان روڪيندڙ آهن
ها يا نه چوڻ ۾، سندن قول کان وڌيڪ سچو ٻيو ڪير به ناهي
كَالزَّهْرِ فِي تَرَفٍ وَالبَدْرِ فِي شَرَفٍ
وَالبَحْرِ فِي كَرَمٍ وَالدَّهْرِ فِي هِمَمِ
پاڻ نزاڪت ۾ گل وانگر، شرف ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر آهن
سخاوت ۾ سمنڊ وانگر ۽ همت ۾ زماني وانگر اٽل آهن
يِا رَبِّ بِالمُصْطَفَى بَلِّغْ مَقَاصِدَنَا
وَاغْفِرْ لَنَا مَا مَضَى يَا وَاسِعَ الكَرَمِ
اي منهنجا پالڻهار! مصطفيٰ ڪريم جي صدقي اسان جا مقصد پورا ڪر
۽ اي وڏي ڪرم وارا! اسان جا گذريل گناهه معاف فرمائي ڇڏ
وَاغْفِرْ إِلَهِي لِكُلِ المُسْلِمِينَ بِمَا
يَتْلُونَ فِي المَسْجِدِ الأَقْصَى وَفِي الحَرَمِ
اي منهنجا مالڪ! سڀني مسلمانن کي ان قرآن جي برڪت سان بخشي ڇڏ
جيڪو اهي مسجدِ اقصيٰ ۽ حرم شريف ۾ تلاوت ڪن ٿا
بِجَاهِ مَنْ بَيْتُهُ فِي طَيْبَةٍ حَرَمٌ
وَإسْمُهُ قَسَمٌ مِنْ أَعْظَمِ الْقَسَمِ
ان عظيم هستي جي طفيل جنهن جو گهر طيبه ۾ حرم آهي
۽ جنهن جو مبارڪ نالو عظيم ترين قسم آهي