قَدْ أَشْرَقَ الْبَدْرُ الْمُنِيرْ
روشن چوڏهينءَ جو چنڊ اڀريو آهي.
Sd
قَدْ أَشْرَقَ الْبَدْرُ الْمُنِيرْ
بِمَوْلِدِ الْهَـادِي الْبَشِيـرْ
روشن چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪيو آهي
هادي ۽ بشير جي ولادتِ با سعادت سان
أَهْلاً وَسَهْلاً بِالْإِمَامْ
الْمُصْطَفَى بَـدْرِ الْتَّمَـامْ
ان امام کي ڀليڪار ۽ مرحبا هجي
جيڪو مـصطفيٰ ۽ ڪامل چنڊ آهي
شَفِيعِنَا يَوْمَ الْزِّحَـامْ
أَرْسَلَـهُ الْـرَّبُّ الْقَدِيـرْ
محشر جي ڏينهن اسان جو شفاعت ڪندڙ
جنهن کي قادر رب موڪليو آهي
قَدْ أَشْرَقَ الْبَدْرُ الْمُنِيرْ
بِمَوْلِدِ الْهَـادِي الْبَشِيـرْ
روشن چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪيو آهي
هادي ۽ بشير جي ولادتِ با سعادت سان
بُشْرَى لَنَا نِلْنَا الْمَرَامْ
بِطَـهَ مُعْتَلِـى الْمَقَـامْ
اسان کي مبارڪون هجن جو مقصد ماڻيو سين
طهٰ جي صدقي جيڪو بلند مرتبي وارو آهي
شَرَّفَـهُ رَبُّ الْأَنَـامْ
فَلَـمْ يَكُـنْ لَـهُ نَظِيـرْ
سموري مخلوق جي رب کيس عزت بخشي
جو سندس ڪو به مٽ ۽ مثال ناهي
قَدْ أَشْرَقَ الْبَدْرُ الْمُنِيرْ
بِمَوْلِدِ الْهَـادِي الْبَشِيـرْ
روشن چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪيو آهي
هادي ۽ بشير جي ولادتِ با سعادت سان
يَا ذَا الْجَلَالِ يَا مُجِيبْ
عَبْدٌ دَعَـاك لَا يَخِيـبْ
اي جلال وارا، اي دعا قبول ڪندڙ
اهو ٻانهو نااميد نه ٿيندو جنهن توکي پڪاريو
بِحُرْمَةِ الْنَّبِيِّ الْحَبِيبْ
يَسِّرْ لَنَا الْأَمْـرَ الْعَسِيـرْ
پياري نبيءَ جي حرمت جي صدقي
اسان لاءِ هر ڏکيو معاملو آسان ڪر
قَدْ أَشْرَقَ الْبَدْرُ الْمُنِيرْ
بِمَوْلِدِ الْهَـادِي الْبَشِيـرْ
روشن چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪيو آهي
هادي ۽ بشير جي ولادتِ با سعادت سان
أَدْعُوكَ يَا رَبَّ الْأَنَامْ
أَمِتْنَا عَلَى حُسْنِ الْخِتَـامْ
اي انسانن جا رب، مان توکي پڪاريان ٿو
اسان کي سٺي خاتمي تي موت نصيب ڪر
وَأَسْكِنَـا فِي دَارَ الْسَّلَامْ
لِبَاسُنَـا فِيهَـا حَرِيرْ
۽ اسان کي سلامتيءَ واري گهر ۾ آباد ڪر
جتي اسان جا لباس ريشم جا هوندا
قَدْ أَشْرَقَ الْبَدْرُ الْمُنِيرْ
بِمَوْلِدِ الْهَـادِي الْبَشِيـرْ
روشن چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪيو آهي
هادي ۽ بشير جي ولادتِ با سعادت سان
أَجِبْ دُعَانَا يَا أَحَدْ
وَاسْمَعْ نِدَانَا يَا صَمَدْ
اي هڪ اڪيلا، منهنجي دعا قبول ڪر
۽ اي بي نياز، منهنجي دانهن ٻڌ
يَا دَائِماً عَلَى الْأَبَـدْ
أَنْـتَ الْمُهَيْمِـنُ الْخَبِيـرْ
اي هميشه کان ابديت تائين رهڻ وارا
تون ئي نگهبان ۽ باخبر آهين
قَدْ أَشْرَقَ الْبَدْرُ الْمُنِيرْ
بِمَوْلِدِ الْهَـادِي الْبَشِيـرْ
روشن چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪيو آهي
هادي ۽ بشير جي ولادتِ با سعادت سان
أَهْدِي الْتَّحِيَّةْ وَالْسَّلَامْ
لِلْمُجْتَبَـى خَيْرِ الْأَنَـامْ
مان تحفو ۽ سلام پيش ڪريان ٿو
مـجتبيٰ تي جيڪو انسانن ۾ سڀني کان ڀلو آهي
والْآلِ وَالْصَّحْبِ الْكِرَامْ
مَا أَمْطَرَ الْمَطْرُ الْغَزِيرْ
۽ سندس معزز آل ۽ اصحابن تي
جيستائين گهڻي برسات پوندي رهي