لَمْ يَخْلُقِ الرَّحْمَنُ مِثْلَ مُحَمَّدٍ
رحمان محمد ﷺ جهڙو ڪو پيدا ناهي ڪيو.
Sd
لَمْ يَخْلُقِ الرَّحْمَنُ مِثْلَ مُحَمَّدٍ
بَيْنَ الْوَرَى بَشَراً عَلَى الْإِطْلَاقِ
رحمان محمد ﷺ جهڙو ڪو پيدا نه ڪيو
سڄي جهان ۾ ڪو بشر مطلق طور ڪونهي
كَلَّا وَلَا عَرَفَ الْخَلَائِقُ قَدْرَهُ
مَا فَوْقَهُ حَقّاً سِوَى الْخَلَّاقِ
هرگز نه، نه وري مخلوق سندس قدر سڃاتو
هن کان مٿانهون حقيقت ۾ رڳو خالق آهي
مَاذَا أَقُولُ بِوَصْفِهِ وَمَدِيحِهِ
وَسَنَاهُ دَوْماً بَاهِرُ الْإِشْرَاقِ
مان سندس وصف ۽ ثنا ۾ ڇا چوان؟
جڏهن ته سندس نور سدائين تجليون ڏيندڙ آهي
وَهُوَ الَّذِي لِلْخَلْقِ أُرْسِلَ رَحْمَةً
وَأَتَى يُتَمِّمُ مَكَارِمَ الْأَخْلَاقِ
هو اهو آهي جنهن کي ساري خلق لاءِ رحمت ڪري موڪليو ويو
۽ هو اعليٰ اخلاقن جي تڪميل لاءِ آيو