رَضِينَا يا بَنِي الزَّهْرَا رَضِينَا
راضي آهيون اي زهرا جا فرزندو راضي آهيون
Sd
رَضِينَا يا بَنِي الزَّهْرَا رَضِينَا
بِحُبٍّ فيكُمُوا يُرْضي نَبِينَا
اي آلِ زهرا اسان راضي ٿياسون، راضي ٿياسون
اوهان جي اهڙي محبت سان جيڪا اسان جي نبي کي راضي ڪري ٿي
رضينا بالنبيِّ لنا إمَامًا
وأنْتُم آلُهُ وبِكُمْ رَضِينَا
اسان نبي کي پنهنجو امام مڃي راضي ٿياسون
۽ اوهان سندن آل آهيو، اوهان سان به راضي ٿياسون
وبالسِّبْطِ الحُسَيْنِ كَذَا أخُوهُ
وَحَيْدَرُ ثُمَّ زَيْنُ العَابِدِينَا
۽ ڏوهٽي حسين سان گڏ سندس ڀاءُ سان پڻ
۽ حيدر سان، پوءِ زين العابدين سان
رَضِينَا يا بَنِي الزَّهْرَا رَضِينَا
بِحُبٍّ فيكُمُوا يُرْضي نَبِينَا
اي آلِ زهرا اسان راضي ٿياسون، راضي ٿياسون
اوهان جي اهڙي محبت سان جيڪا اسان جي نبي کي راضي ڪري ٿي
وَزَيْنَبُ مَنْ لها فَضْلٌ سَمِيٌّ
سُلاَلَةُ أَحْمَدٍ في الطَّيِّبِينَا
۽ زينب جنهن جي فضيلت تمام بلند آهي
جيڪا پاڪ هستين ۾ احمد صلي الله عليه وسلم جو نسل آهي
لها نُورٌ يُضِيءُ كَمِثْلِ شَمْسٍ
من المُخْتَارِ نَشْهَدُهُ مُبِينَا
کيس اهڙو نور مليل آهي جيڪو سج وانگر چمڪي ٿو
جيڪو اسان مختار صلي الله عليه وسلم کان پڌرو ڏسون ٿا
رَضِينَا يا بَنِي الزَّهْرَا رَضِينَا
بِحُبٍّ فيكُمُوا يُرْضي نَبِينَا
اي آلِ زهرا اسان راضي ٿياسون، راضي ٿياسون
اوهان جي اهڙي محبت سان جيڪا اسان جي نبي کي راضي ڪري ٿي
لها جُودٌ لها كَرَمٌ وعَطْفٌ
حَوَتْ فَضْلاً يُرَى للمُنْصِفِينَا
هوءَ سخاوت، ڪرم ۽ مهربانيءَ واري آهي
هن اها فضيلت سميٽي آهي جيڪا انصاف پسندن کي نظر اچي ٿي
أمير المؤمنين أَبُوكِ حَقًّا
عَلِيٌّ سَادَ جَيْشَ العَارِفِينَا
بيشڪ امير المؤمنين اوهان جو پيءُ آهي
علي جنهن عارفن جي لشڪر جي سرداري ڪئي
رَضِينَا يا بَنِي الزَّهْرَا رَضِينَا
بِحُبٍّ فيكُمُوا يُرْضي نَبِينَا
اي آلِ زهرا اسان راضي ٿياسون، راضي ٿياسون
اوهان جي اهڙي محبت سان جيڪا اسان جي نبي کي راضي ڪري ٿي
وأُمُّكِ بَضْعَةُ المُخْتَارِ طَهَ
مُحَبَّبَةٌ إلى الهادي نبينا
۽ تنهنجي امڙ مختار طهٰ جو جگر گوشو آهي
جيڪا هادي نبي کي تمام گهڻي پياري آهي
وكَانَ المُصْطَفَى يَحْنُو عَلَيْهَا
حُنُوَّ مَوَدَّةٍ عَطْفًا وَلِينَا
۽ مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم مٿس شفقت فرمائيندا هئا
اها شفقت جيڪا محبت، مهرباني ۽ نرمي واري هئي
رَضِينَا يا بَنِي الزَّهْرَا رَضِينَا
بِحُبٍّ فيكُمُوا يُرْضي نَبِينَا
اي آلِ زهرا اسان راضي ٿياسون، راضي ٿياسون
اوهان جي اهڙي محبت سان جيڪا اسان جي نبي کي راضي ڪري ٿي
وجَاءَ حَدِيثُهُ يُتْلَى جِهَارًا
لَقَدْ سَادَتْ نِسَاءَ العَالَمِينَا
۽ سندن اها حديث سڀني جي اڳيان پڙهي وڃي ٿي
ته بيشڪ هن سڄي جهان جي عورتن جي سرداري ڪئي
إذا اشْتَقْنَا إلى خَيْرِ البَرَايَا
أَتَيْنَاكُمْ مُشَاةً رَاكِبِينَا
جڏهن اسان کي تمام مخلوق کان ڀلي (نبي) جي سڪ ٿيندي آهي
تڏهن اسان پيادل توڙي سوار ٿي اوهان وٽ ايندا آهيون
رَضِينَا يا بَنِي الزَّهْرَا رَضِينَا
بِحُبٍّ فيكُمُوا يُرْضي نَبِينَا
اي آلِ زهرا اسان راضي ٿياسون، راضي ٿياسون
اوهان جي اهڙي محبت سان جيڪا اسان جي نبي کي راضي ڪري ٿي
فأنتم منه بالأسرار جِئْتُمْ
وَجِئْنَاكُمْ فَشَاهَدْنَا الأَمِينَا
ڇو ته اوهان ئي هن کان اهي راز کڻي آيا آهيو
۽ جڏهن اسان اوهان وٽ آياسون ته امين صلي الله عليه وسلم کي ڏٺوسون
وشَاهَدْنَا لديكم كُلَّ خَيْرٍ
وشَاهَدْنَا أُلُوفًا زَائرِينَا
اسان اوهان وٽ هر قسم جي ڀلائي ڏٺي
۽ هزارين زيارت ڪندڙن جو ميڙ ڏٺوسون
رَضِينَا يا بَنِي الزَّهْرَا رَضِينَا
بِحُبٍّ فيكُمُوا يُرْضي نَبِينَا
اي آلِ زهرا اسان راضي ٿياسون، راضي ٿياسون
اوهان جي اهڙي محبت سان جيڪا اسان جي نبي کي راضي ڪري ٿي
بإخْلاَصٍ وتوحيد ودِينٍ
أَتَوْكُمْ سَادَتِي مُتَبَرِّكِينَا
سچي اخلاص، توحيد ۽ دين سان گڏ
اي منهنجا سردار! هو اوهان وٽ برڪت حاصل ڪرڻ آيا
تُذَكِّرُهُمْ مَشَاهِدُكُمْ جِنَانًا
بِرَوْضَةِ جَدِّكُمْ لِلْوَفِدِينَا
اوهان جا آستانا کين جنتن جي ياد ڏيارين ٿا
اوهان جي ناني جي ان روضي وانگر جيڪو وفدن لاءِ آهي
رَضِينَا يا بَنِي الزَّهْرَا رَضِينَا
بِحُبٍّ فيكُمُوا يُرْضي نَبِينَا
اي آلِ زهرا اسان راضي ٿياسون، راضي ٿياسون
اوهان جي اهڙي محبت سان جيڪا اسان جي نبي کي راضي ڪري ٿي
فَرَوْحٌ مِنْهُ والرَّيْحَانُ يأتي
لِزُوَّارٍ أَتَوْكُمْ مُخْلِصِينَا
پوءِ اتان کان راحت ۽ خوشبو اچي ٿي
انهن زائرن لاءِ جيڪي اوهان وٽ سچي دل سان آيا
فأنتم مِنْهُ والذِّكْرَى لَدَيْكُمْ
برُؤيَاكُمْ تُرَى للمُؤْمِنِينَا
ڇو ته اوهان سندس ئي آهيو ۽ اوهان وٽ ئي سندس ياد آهي
اوهان جي ديدار سان مومنن کي سندن جهلڪ ملي ٿي
رَضِينَا يا بَنِي الزَّهْرَا رَضِينَا
بِحُبٍّ فيكُمُوا يُرْضي نَبِينَا
اي آلِ زهرا اسان راضي ٿياسون، راضي ٿياسون
اوهان جي اهڙي محبت سان جيڪا اسان جي نبي کي راضي ڪري ٿي
فَبَابُ العِلْمِ والدُكُمْ عَلِيٌّ
له سَيْفٌ أَبَادَ الكَافِرِينَا
پوءِ علم جو دروازو اوهان جو والد علي آهي
جنهن وٽ اهڙي تلوار هئي جنهن ڪافرن کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو
فَمِنْ دَمْعٍ لأرضٍ قد رَوَيْنَا
مِنَ الأَشْوَاقِ نَحْوَ الأَكْرَمِينَا
اسان پنهنجي ڳوڙهن سان زمين کي سيراب ڪري ڇڏيو
انهن معزز هستين جي سڪ ۽ شوق سبب