يَمِّمْ نَحْوَ الْمَدِينَةْ تَرَى الْأَنْوَارْ    
مديني ڏانهن رخ ڪر، تون انوار ڏسندين
Sd
يَمِّمْ نَحْوَ الْمَدِينَةْ تَرَى الْأَنْوَارْ    
وَاقْصُدْ حِمَى نَبِيِّنَا طَهَ الْمُخْتَارْ
مديني ڏانهن رخ ڪر ته توکي نور نظر ايندا
۽ اسان جي نبي طهٰ مختار جي پناهه طلب ڪر
مُحَمَّدْ يَا أَبَا الْزَّهْرَا نَرْجُو نَظْرَةْ    
أَرَى الْقُبَّةَ الْخَضْرَا لَيْلًا وَنَهَارْ
اي محمدﷺ، اي زهرا جا بابا، اسان کي هڪ نگاهه جي آس آهي
مان ليل و نهار سائي قبي کي ڏسي رهيو آهيان
مُحَمَّدْ يَا أَبَا الْقَاسِمْ إِنِّي هَائِمْ    
عَسَى تَقْبَلْنِيْ خَادِمْ أَنَا وَالْحُضَّارْ
اي محمدﷺ، اي قاسم جا بابا، مان تنهنجي عشق ۾ بيخود آهيان
شال تون مونکي ۽ سڀني حاضرن کي خادم طور قبول ڪرين
فَامْدُدْ يَدَكْ وَالْبَاعَا وَالْذِّرَاعَا    
وَاطْلُبْ مِنْهُ الْشَّفَاعَةْ وَقْتَ الْأَسْحَارْ
پوءِ پنهنجا هٿ ۽ ٻانهون ڦهلائي ان تائين پهچ ڪر
۽ سحريءَ جي وقت ان کان شفاعت جي گهر ڪجانءِ
وَقِفْ حَوْلَ الْضَّرِيحِ يَا فَصِيحِ  
وَاغْسِلْ قَلْبَ الْجَرِيحِ مِنَ الْأَْكْدَارْ
اي فصيح، ان مبارڪ روضي جي چوڌاري بيهي رهه
۽ هن زخمي دل تان سڀئي غم ڌوئي صاف ڪر