رَبِّي لَهُ الْأَسْمَاءُ الْحُسْنَى
منھنجي رب جا ئي سھڻا نالا آھن.
Sd
رَبِّي لَهُ الْأَسْمَاءُ الْحُسْنَى
تُسَبِّحْ لَهُ الْأكْوَانْ
منهنجو رب، جنهن لاءِ سڀ سُهڻا نالا آهن
ساري ڪائنات ان جي تسبيح بيان ڪري ٿي
إِلَيْهِ يَرْجِعُ كُلُّ أَمْرٍ
كُلُّ زَمَانٍ وَكُلَّ مَكَانْ
هر معاملو ان ڏانهن ئي موٽي ٿو
هر زماني ۽ هر مڪان ۾
إِذَا دَعَوْتْ فَادْعُ الْإِلَهْ
وَإِنِ اسْتَجَرْتَ فَلُذْ بِاللَّهْ
جڏهن تون پڪارين ته ان معبود کي پڪار
۽ جيڪڏهن پناهه گهرين ته الله جي پناهه وٺ
مَا لَنَا مَوْلًى سِوَاهْ
عَفُوٌّ كَرِيمٌ وَرَحْمَانْ
اسان جو ان کانسواءِ ڪو به موليٰ ناهي
هو درگذر ڪندڙ، ڪريم ۽ رحمان آهي
رَبِّي لَهُ الْأَسْمَاءُ الْحُسْنَى
تُسَبِّحْ لَهُ الْأكْوَانْ
منهنجو رب، جنهن لاءِ سڀ سُهڻا نالا آهن
ساري ڪائنات ان جي تسبيح بيان ڪري ٿي
إِلَيْهِ يَرْجِعُ كُلُّ أَمْرٍ
كُلُّ زَمَانٍ وَكُلَّ مَكَانْ
هر معاملو ان ڏانهن ئي موٽي ٿو
هر زماني ۽ هر مڪان ۾
اتَّقِ اللَّهْ وَلَهُ اِصْبِرْ
فَالْصَّبْرُ فِي الْعُقْبَى حَمِيدْ
الله کان ڊڄ ۽ ان جي خاطر صبر ڪر
ڇو ته صبر جو نتيجو ساراهه جوڳو آهي
وَتَزَوَّدْ عِلْمًا وَبَيَانًا
مِنَ الْسُّنَّةِ وَالْقُرْآنْ
علم ۽ بيان جو زادِ راهه حاصل ڪر
جيڪو سنت ۽ قرآن مان مليل هجي