مَا مَدَّ لِخَيْرِ الْخَلْقِ يَدَا
Extend Your Hand
Sd
الله الله الله الله الله الله
لَا إِلَٰهَ إِلَّا ٱللَّٰهْ
الله الله الله الله الله الله
الله کانسواءِ ڪو به معبود ناهي
مَا مَدَّ لِخَيْرِ الْخَلْقِ يَدَا
أَحَدٌ إِلَّا وَبِهِ سَعِدَا
جنهن به سڀني کان ڀلاري ڏانهن هٿ وڌايو
اهو ان جي ڪري ئي سڀاڳو ٿيو
فَلِذَاكَ مَدَدْتُ إِلَيْهِ يَدِي
وَبِذَلِكَ كُنْتُ مِنَ الْسُّعَدَا
تنهنڪري مون به ان ڏانهن پنهنجو هٿ وڌايو
۽ ان جي ڪري ئي مان خوشنصيبن مان ٿيس
بَابٌ لِلَّهِ سَمَا وَعَلَا
شَرَفاً وَامْتَازَ بِكُلِّ عُلَا
الله جو اهو در جيڪو مٿانهون ۽ بلند ٿيو
شرف ۾ ۽ هر بلنديءَ ۾ ممتاز ٿيو
وَالْكُلُّ بِدَعْوَتِهِ اتَّصَلَا
بِاللهِ وَحَازَ بِهِ الْمَدَدَا
سڀ ڪو ان جي ئي سڏ سان واصل ٿيو
الله سان ۽ ان جي وسيلي ئي مدد ماڻيائين
إِنِّي فِي الْعُسْرِ وَفِي الْيُسْرِ
بِحِمَاهُ أَلُوذُ مَدَى الْعُمْرِ
مان هجان تنگي هجي يا هجي آساني
سڄي عمر ان جي ئي پناهه ۾ گذاريان ٿو
وَأَقُولُ أَغِثْنِي يَا ذُخْرِي
وَأَنِلْنِي مِنْ كَفَّيْكَ نَدَا
۽ چوان ٿو ته اي منهنجا تڪيه گاهه، منهنجي مدد ڪر
۽ پنهنجي هٿن جي سخاوت مون کي عطا ڪر
وَعَلَيْنَا تَعَطَّفْ يَا أَمَلِي
بِشِفَاءِ الْقَلْبِ مِنَ الْعِلَلِ
اسان تي مهرباني ڪر اي منهنجي اميد
دل کي بيمارين کان شفا عطا ڪري
أَيَكُونُ مُحِبُّكَ فِي وَجَلٍ
وَبِجَاهِكَ لَا أَخْشَى أَحَدَا
ڇا تنهنجو چاهيندڙ ڪڏهن خوف ۾ هوندو؟
تنهنجي مرتبي جي صدقي مان ڪنهن کان نٿو ڊڄان
لَا أَرْجُو غَيْرَكَ إِنْ جَارَا
دَهْرِي وَعَدِمْتُ الْأَنْصَارَا
تنهنجي سواءِ ڪنهن کان اميد ناهي جيڪڏهن
زمانو جفا ڪري ۽ مون کي ڪو مددگار نه ملي
بِحَيَاتِكَ أَلْقِ الأَنْظَارَا
كَرَماً يَا أَفْضَلَ مَنْ سَجَدَا
تنهنجي حياتيءَ جو قسم هڪ نگاهه ڪر
ڪرم سان اي سجدو ڪندڙن ۾ سڀني کان ڀلا
أَنْتَ الْمُخْتَارُ مِنَ القِدَمِ
يَا خَيْرَ شَفِيعٍ فِي الأُمَمِ
تون ئي ازل کان چونڊيل آهين
اي قومن ۾ سڀ کان ڀلا شفاعت ڪندڙ
وَبِنُورِكَ مِنْ بَعْدِ الْعَدَمِ
وَجْهُ الْتَّكْوِينِ زَهَا وَبَدَا
۽ تنهنجي ئي نور سان عدم کان پوءِ
ڪائنات جو چهرو روشن ٿيو ۽ چمڪيو
وَصَلَاةُ اللهِ بِلَا حَصْرِ
لَكَ تُهْدَى يَا سَامِي الْقَدْرِ
۽ الله جون بيحد ۽ بي شمار رحمتون
توکي پيش هجن اي بلند مرتبي وارا
وَالْآلِ مَعَ الْصَّحْبِ الْغُرِّ
مَا حَادِي الْعِيسِ نَشَا وَصَدَى
۽ تنهنجي آل ۽ معزز صحابين تي پڻ
جيستائين ساربان اٺن کي جهونگاري ۽ گيت گونجي پيو