مَا لِي سِوَاكْ هَمْ وَأَنْتَ تَعْلَمْ
منهنجو تو سوا ڪو فڪر ناهي ۽ تون ڄاڻين ٿو.
Sd
مَا لِي سِوَاكْ هَمْ وَأَنْتَ تَعْلَمْ
فَالْقُرْبُ مَغْنَمْ وَالْبُعْدُ مَغْرَمْ
منهنجو تنهنجي سوا ٻيو ڪو فڪر ناهي ۽ تون ڄاڻين ٿو
ويجهڙائي هڪ غنيمت آهي ۽ دوري خسارو آهي
خُذْنِي إِلَيْكَ بَيْنَ يَدَيْكَ
حُسِبْتُ عَلَيْكَ فِي كُلِّ مَا أَعْلَمْ
مون کي پاڻ ڏانهن وٺي هل پنهنجي حضور ۾
آءٌ جيڪو ڪجهه ڄاڻان ٿو ان ۾ تنهنجو ئي سڏايان ٿو
أَنْتَ مُرَادِي فَكُنْ لِيْ هَادِي
فَالْقَلْبُ صَادِي فَزِلْ لِيْ ذَا الْهَمْ
تون ئي منهنجي مراد آهين، تنهنڪري منهنجو رهنما ٿي
منهنجي دل اڃايل آهي، سو منهنجو هي غم مٽائي ڇڏ
مَنْ ذَا يَكُنْ لِي إِنْ لَمْ تَكُنْ لِي
تَرَى لِذُلِّي وَأَنْتَ أَرْحَمْ
جيڪڏهن تون منهنجو نه ٿيندين ته پوءِ منهنجو ڪير هوندو
تون منهنجي عاجزي ڏسي رهيو آهين ۽ تون سڀ کان وڏو رحم ڪندڙ آهين
كَمْ ذَا أُنَادِي يَا خَيْرَ هَادِي
يَكْفِي بُعَادِي فَالْجُودُ قَدْ عَمْ
اي بهترين هادي! آءٌ تو کي ڪيترو نه پڪاريان ٿو
هاڻي وڇوڙو بس آهي، تنهنجي سخاوت ته عام آهي
نُورُ الْوِصَالِ مَهْرُهُ غَالِي
سِوَاكَ مَا لِي جُدْ وَتَكَرَّمْ
وصال جي نور جو مهر ڏاڍو مهانگو آهي
تنهنجي سوا منهنجو ڪير ناهي، سو عطا ۽ ڪرم فرماءِ
قُرْبِي وَبُعْدِي سِيَّانِ عِنْدِي
لِأَنَّ رُشْدِي فِيمَا تَقَسِّمْ
منهنجي لاءِ ويجهڙائي ۽ دوري ٻئي برابر آهن
ڇو ته منهنجي هدايت تنهنجي ڪيل فيصلي ۾ ئي آهي
فَاجْعَلْ هِبَاتِي رُوحَ الْحَيَاةِ
حَبِيبْ ذَاتِي طه الْمُعَلِّمْ
سو منهنجي عطا کي زندگيءَ جو روح بڻائي ڇڏ
منهنجي ذات جا محبوب، طهٰ معلم صلي الله عليه وسلم
تَعْلَمْ لِقَصْدِي حِبِّي وَوُدِّي
فَكُنْ لِلْكُرْدِي فِي كُلِّ مَغْنَمْ
تون منهنجي مقصد، محبت ۽ چاهت کي ڄاڻين ٿو
سو هن ڪرديءَ جو هر ڪاميابيءَ ۾ مددگار ٿي وڃ
صَلَاةُ رَبِّي لِحَبِيبِ قَلْبِي
طه الْمُرَبِّي عَلَيْهِ سَلَّمْ
منهنجي رب جون رحمتون هجن منهنجي دل جي محبوب تي
طهٰ مربي تي سدائين سلام هجي