لِي فِي المَدِينَةِ أَحْبَابٌ إِذَا نَظَرُوا
I Have Beloveds In Medina; When They Gaze Upon Me
Sd
لِي فِي المَدِينَةِ أَحْبَابٌ إِذَا نَظَرُوا
إِلَيَّ وَلَّتْ هُمُومِي وَانْجَلَى الضَّرَرُ
مديني ۾ منهنجا اهڙا محبوب آهن جو جڏهن هو مون کي نهارين ٿا
ته منهنجا سڀ غم هليا وڃن ٿا ۽ هر تڪليف دور ٿي وڃي ٿي
وَأَصْبَحَ القَلْبُ فِي أُنْسٍ وَفِي فَرَحٍ
جَمٍّ وَصَاحَبَنِي التَّوْفِيقُ وَالظَّفَرُ
۽ منهنجي دل الفت ۽ بيحد خوشيءَ ۾ رنڱجي وڃي ٿي
۽ مون کي توفيق ۽ ڪاميابيءَ جو ساٿ نصيب ٿئي ٿو
يَا أَهْلَ طَيْبَةَ هَيَّا إِنَّنِي دَنِفٌ
وَإِنَّنِي لِلَّذِي أَمَّلْتُ مُنْتَظِرُ
اي طيبه جا واليؤ! توجهه فرمايو ته آءٌ بيحد بيحال آهيان
۽ آءٌ انهيءَ مقصد جو منتظر آهيان جنهن جي مون اميد رکي آهي
جَرَتْ عَوَائِدُكُمْ أَنَّ المُحِبَّ إِذَا
نَادَاكُمُ بِلِسَانِ الحُبِّ يَنْجَبِرُ
اها توهان جي قديم عادت رهي آهي ته جڏهن ڪو عاشق
محبت جي زبان سان توهان کي پڪاري ٿو ته ان جي دلجوئي ٿئي ٿي
وَالحُبُّ مِلْءُ جَنَانِي بَلْ تَجَسَّمَ فِي
شَخْصٍ عَلَى صُورَتِي إِنْ دَلَّتِ الصُّوَرُ
محبت منهنجي سيني ۾ پوريءَ طرح سمايل آهي بلڪه اها مجسم ٿي وئي آهي
منهنجي صورت جي هڪ شخص ۾، جيڪڏهن اهي صورتون ڪا دلالت ڪن ٿيون
يَا سَيِّدَ الرُّسْلِ أَدْرِكْنِي فَمَا بَقِيَتْ
لِي حِيلةٌ غَيْرُ حُبٍّ مِنْكَ مُدَّخَرُ
اي رسولن جا سردار! منهنجي مدد فرمايو جو هاڻي ڪو چارو نه رهيو آهي
سواءِ توهان جي انهيءَ محبت جي جيڪا مون وٽ ئي سانڍيل آهي
لِلَّهِ مِيلادُكَ الغَالِي الذِي سَعِدَتْ
بِهِ البَسِيطَةُ وَانْجَابَتْ بِهِ الغِيَرُ
الله جي رضا لاءِ آهي توهان جو اهو معتبر ميلاد جنهن سان
سڄي ڪائنات خوشحال ٿي وئي ۽ سڀ پريشانيون ختم ٿي ويون
يَوْمٌ بِهِ ضَاءَتِ الدُّنْيَا فَمَا طَلَعَتْ
شَمْسٌ عَلَى مِثْلِهِ فِيهَا وَلَا قَمَرُ
اهو ڏينهن جنهن سان سڄي دنيا روشن ٿي وئي، ته ڪڏهن به
نه ان جهڙو سج اڀريو ۽ نه ئي ڪو چنڊ
تَحِيَّةٌ لَكَ مِنْ قَلْبٍ مُعَطَّرَةٌ
يَزِيدُ عَرْفَ شَذَاهَا رَوْحُكَ العَطِرُ
توهان لاءِ منهنجي دل جي گهرائين مان هڪ معطر سلام آهي
جنهن جي هٻڪار کي توهان جو معطر روح وڌيڪ وڌائي ڇڏي ٿو
وَقَائِلٍ لِيْ مَا تَشْتَاقُ قُلْتُ لَهُ
أَشْتَاقُ طَيْبَةَ شَوْقاً لَيْسَ يَنْحَصِرُ
۽ پڇندڙ جڏهن پڇيو ته تون ڪنهن جو مشتاق آهين، ته مون چيو
آءٌ طيبه جو اهڙو مشتاق آهيان جنهن جي ڪا حد ئي ناهي
يَا قَائِدَ الجَوِّ أَنْزِلْنِي إِذَا لَمَعَتْ
لِعَيْنِكَ القُبَّةُ الخَضْرَاءُ وَالحُجَرُ
اي فضا جا راهبر! مون کي اتي لاهي ڇڏ جڏهن تنهنجي اکين اڳيان
سائو قبو ۽ حجرا مبارڪ چمڪڻ لڳن
هُنَاكَ أَقْصِدُ شُبَّاكَ الرَّسُولِ لِكَي
أَسْتَغْفِرُ اللهَ حَيْثُ الذَّنْبُ يُغْتَفَرُ
اتي مان رسول اڪرم ﷺ جي جاريءَ مبارڪ جو رخ ڪندس ته جيئن
الله کان معافي گهران جتي سڀ گناهه بخشيا وڃن ٿا
عَلَيْكَ صَلَاةُ اللهِ مَا تُلِيَتْ
فِي حَفْلِ مِيلادِكَ الآياتُ والسُوَرُ
توهان تي الله جون رحمتون هجن جيسين تائين
توهان جي ميلاد جي محفل ۾ آيتون ۽ سورتون تلاوت ڪيون وڃن
والآلِ والصَحْبِ وَالأَتْبَاعِ قَاطِبَةً
والغَوثِ والقطبِ والأحبَابِ إذْ حَضَرُوا
۽ آل، اصحابن ۽ سڀني پيروي ڪندڙن تي
۽ غوث، قطب ۽ انهن سڀني محبوبن تي جيڪي حاضر ٿيا