يَا وَاهِبَ الْإِنْسَانِ أَسْبَابَ الْهُدَى
اي انسان کي هدايت جا اسباب عطا ڪندڙ
Sd
يَا وَاهِبَ الْإِنْسَانِ أَسْبَابَ الْهُدَى
يَا مَنْ بِحَمْدِ الْعَالَمِينَ تَفَرَّدَا
اي انسان کي هدايت جا ذريعا بخشيندڙ
اي اهو جنهن جي ساراهه ۾ سڄو جهان يڪتا آهي
لِي عِنْدَ بَابِكَ يَا إِلَهِي دَعْوَةٌ
فِيهَا رَجَاءُ الْعُمْرِ جَاءَ مُجَسَّدَا
منهنجي تنهنجي در تي اي منهنجا موليٰ هڪ دعا آهي
جنهن ۾ سڄي حياتيءَ جي تات روپ وٺي آئي آهي
أَنْتَ الَّذِي مَا خَابَ عِنْدَكَ سَائِلٌ
أَيَكُونُ بَابُكَ دُونَ سُؤْلِي مُؤْصَدَا
تون اهو آهين جنهن وٽ ڪو سوالي ڪڏهن محروم نه رهيو
ڇا تنهنجو در منهنجي سوال لاءِ بند ٿي سگهي ٿو؟
فَبِفَضْلِكَ اللَّهُمَّ عِشْتُ مُوَحِّدا
أَيُرَدُّ عِنْدَكَ مَنْ أَتَاكَ مُوَحِّدَا
اي الله! تنهنجي فضل سان مون توحيد تي ئي زندگي گذاري
ڇا تنهنجي در تان اهو موٽايو ويندو جيڪو موحد ٿي آيو آهي؟
سُؤْلِي كَذَاتِكَ وَاحِدٌ فَبِحَقِّهَا
لَوْ لَحْظَةً دَعْنِي أُشَاهِدَ أَحْمَدَا
منهنجو سوال تنهنجي ذات وانگر واحد آهي، پوءِ ان جي صدقي
شل هڪ لمحي لاءِ مون کي احمد (ﷺ) جو ديدار نصيب ٿئي