بُورِكْتِ يَا أُمَّ الْحَسَنَيْن
مبارڪ هجين اي حسن ۽ حسين جي امڙ
Sd
بُورِكْتِ يَا أُمَّ الْحَسَنَيْن
يَا فَاطِمَةْ الْزَّهْرَاءْ
توتي برڪتون هجن، اي حسنين جي امڙ
اي فاطمة الزهراء
يَا آمِنَةْ يَا أُمَّ الزَّيْنْ
يَا حَامِلَةْ الْبُشْرَى
اي آمنه، اي سهڻي جي امڙ
اي خوشخبري کڻي ايندڙ
وَالسِّتِّ زَيْنَبْ نُورِ الْعَيْنْ
وَخَدِيجَةَ الْكُبْرَى
۽ سيده زينب، اکين جو نور
۽ خديجة الڪبريٰ
صَلُّوا عَلَى عَبْدِ اللهْ
مَنْ قَدْ أَتَى بِكِتَابِ اللهْ
درود موڪليو الله جي ان ٻانهي تي
جيڪو الله جو ڪتاب کڻي آيو
وَمَنْ بِهِ قَدْ أَسْرَى اللهْ
سُبْحَانَ مَنْ أَسْرَى
۽ جنهن کي الله رات جو سير ڪرايو
پاڪ آهي اهو جنهن رات جو سير ڪرايو
صَلُّوا عَلَى صَحْبِ الْمُخْتَارْ
رَسُولِنَا الْأَعْظَمْ
درود پڙهو مصطفيٰ جي صحابين تي
جيڪي اسان جي عظيم رسول جا ساٿي آهن
حَيُّوا عَليٍ خَيْرَ الْأَبْرَارْ
إِمَامَنَا الْأَكْرَمْ
سلام پيش ڪريو علي تي، جيڪو نيڪن مان ڀلو آهي
اسان جو معزز ترين امام
وَعَلَى الْحُسَيْنْ نُورِ الْأَنْوَارْ
يَا سَعْدَ مَنْ سَلَّمْ
۽ حسين تي، جيڪو نورن جو نور آهي
خوشنصيب آهي اهو جيڪو کيس سلام پيش ڪري ٿو
يَا أَهْلَ بَيْتِ الْمُصْطَفَى
عَلَيْكُمْ اَلْسَّلَامْ
اي مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جا اهلِ بيت
اوهان تي سلام هجي
أَهْلَ الْأَمَانَةْ وَالْوَفَا
وَالْخَيْرِ وَالْإِكْرَامْ
اي امانتداري ۽ وفاداري وارا
۽ ڀلائي ۽ سخاوت جا مالڪ