الْمُزْدَوِجَةُ الْحَسْنَاءُ فِي الْاِسْتِغَاثَةِ بِأَسْمَاءِ اللهِ الْحُسْنَى
الله جي سُهڻن نالن ذريعي استغاثي بابت سُهڻي مزدوجہ
Sd
الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي تَحَمَّدَا
كَلَّمَ مُوسَى وَاصْطَفَى مُحَمَّدَا
سڀ ساراهه الله لاءِ جنهن پنهنجي حمد بيان ڪئي
موسيٰ سان ڪلام ڪيائين ۽ محمد ﷺ کي چونڊيائين
ثُمَّ الْصَّلَاةُ وَالْسَّلَامُ تُهْتَدَى
لِخَيْرِ مُرْسَلٍ هَدَى وَسَدَّدَا
پوءِ درود ۽ سلام هدايت طور پيش ڪجن ٿا
ان بهترين رسول تي جنهن هدايت ڪئي ۽ سڌو رستو ڏيکاريو
وَالْآلِ وَالْصَّحْبِ وَمَنْ يَهْدِينَا
۽ پاڻ سڳورن جي آل، اصحابن ۽ هر ان تي جيڪو اسان جي رهنمائي ڪري
بِاسْمِ الْإِلَهِ وَبِهِ بَدِينَا
وَلَوْ عَبَدْنَا غَيْرَهُ شَقِينَا
الله جي نالي سان ۽ ان سان ئي اسان شروعات ڪئي
جيڪڏهن اسان ان کانسواءِ ٻئي جي عبادت ڪيون ها ته بدبخت ٿي وڃون ها
يَا حَبَّذَا رَبًّا وَحَبَّ وَدِينَا
وَحَبَّذَا مُحَمَّدٌ هَادِينَا
اي ڪيڏو نه پيارو رب آهي ۽ ڪيڏو نه پيارو اسان جو دين آهي
۽ ڪيڏو نه پيارو محمد ﷺ اسان جو رهبر آهي
لَوْلَاهُ مَا كُنَّا وَلَا بَقِينَا
جيڪڏهن پاڻ نه هجن ها ته نه اسان پيدا ٿيون ها ۽ نه باقي رهون ها
الْلَّهُمَّ لَوْلَا أَنْتَ مَا اهْتَدَيْنَا
وَلَا تَصَدَّقْنَا وَلَا صَلَّيْنَا
اي الله! جيڪڏهن تون نه هجين ها ته اسان هدايت نه پايون ها
نه اسان صدقو ڏيون ها ۽ نه ئي نماز پڙهون ها
فَأَنْزِلَنْ سَكِينَةً عَلَيْنَا
وَثَبِّتِ الْأَقْدَامَ إِنْ لَا قَيْنَا
پوءِ اسان تي پنهنجي طرفان سڪون ۽ اطمينان نازل فرماءِ
۽ مقابلي جي وقت اسان جي قدمن کي ثابت رک
نَحْنُ الْأُ لَى جَاؤُوكَ مُسْلِمِينَا
اسان اهي آهيون جيڪي تنهنجي بارگاهه ۾ فرمانبردار ٿي آيا آهيون
وَالْمُشْرِكُونَ قَدْ بَغَوْا عَلَيْنَا
إِذَا أَرَادُوا فِتْنَةً أَبَيْنَا
۽ مشرڪن اسان تي زيادتي ۽ بغاوت ڪئي آهي
جڏهن هنن فتني جو ارادو ڪيو ته اسان انڪار ڪيو
وَقَدْ تَدَاعَى جَمْعُهُمْ عَلَيْنَا
طِبْقَ الْأَحَادِيثَ الَّتِي رَوَيْنَا
۽ سندن لشڪر اسان جي خلاف گڏ ٿي ويو آهي
انهن حديثن جي عين مطابق جيڪي اسان روايت ڪيون آهن
فَارْدُدْهُمُ الْلَّهُمَّ خَاسِرِينَ
پوءِ اي الله! انهن کي ناڪام ۽ نامراد ڪري واپس موٽاءِ
اللَّهُ يَا رَحْمَنُ يَا رَحِيمُ
اللَّهُ يَا حَيُّ وَيَا قَيُّومُ
الله، اي ٻاجھارا، اي وڏا مهربان
الله، اي سدائين زنده، اي سڀني کي قائم رکڻ وارا
اللَّهُ يَا قَوِيُّ يَا قَدِيمُ
اللَّهُ يَا عَلِيُّ يَا عَظِيمُ
الله، اي طاقتور، اي قديم
الله، اي مٿانهان، اي وڏائي وارا
لَا يَنْبَغِي لِلْظُّلْمِ أَنْ يَعْلُونَا
ظلم لاءِ اهو مناسب ناهي ته اهو اسان تي غالب اچي
اللَّهُ يَا لَطِيفُ يَا عَلِيمُ
اللَّهُ يَا رَؤُوفُ يَا حَكِيمُ
الله، اي لطيف، اي سڀ ڄاڻندڙ
الله، اي شفقت ڪندڙ، اي حڪمت وارا
اللَّهُ يَا تَوَّابُ يَا حَلِيمُ
اللَّهُ يَا وَهَّابُ يَا كَرِيمُ
الله، اي توبهه قبول ڪندڙ، اي بردبار
الله، اي عطا ڪندڙ، اي ڪريم
هَبْنَا الْعُلَا وَاجْعَلْ عِدَانَا الْدُّونَا
اسان کي بلندي عطا ڪر ۽ اسان جي دشمنن کي پست فرماءِ
اللَّهُ يَا مَالِكُ يَا مُنِيرُ
اللَّهُ يَا مَلِيكُ يَا قَدِيرُ
الله، اي مالڪ، اي روشن ڪندڙ
الله، اي بادشاهه، اي قدرت وارا
اللَّهُ يَا مَوْلَى وَيَا نَصِيرُ
اللَّهُ أَنْتَ الْمَلِكُ الْكَبِيرُ
الله، اي مولا، اي مددگار
الله، تون ئي سڀ کان وڏو بادشاهه آهين
لَيْسَ عِدَانَا لَكَ مُعْجِزِينَا
اسان جا دشمن توکي عاجز نٿا ڪري سگهن
اللَّهُ يَا شَاكِرُ يَا شَكُورُ
اللَّهُ يَا عَفُوُّ يَا غَفُورُ
الله، اي قدردان، اي وڏي شڪر وارا
الله، اي معاف ڪندڙ، اي بخشڻهار
اللَّهُ يَا عَالِمُ يَا خَبِيرُ
اللَّهُ يَا فَتَّاحُ يَا بَصِيرُ
الله، اي ڄاڻيندڙ، اي خبر رکندڙ
الله، اي دروازا کوليندڙ، اي ڏسندڙ
لَا تَحْرِمْنَا فَتْحَكَ الْمُبِينَا
اسان کي پنهنجي چٽي فتح کان محروم نه فرماءِ
اللَّهُ يَا ظَاهِرُ يَا جَلِيلُ
اللَّهُ يَا بَاطِنُ يَا وَكِيلُ
الله، اي ظاهر، اي جليل
الله، اي باطن، اي وڪيل
اللَّهُ يَا صَادِقُ يَا جَمِيلُ
اللَّهُ يَا حَافِظُ يَا كَفِيلُ
الله، اي سچا، اي جميل
الله، اي حفاظت ڪندڙ، اي ڪفيل
كُنْ حَافِظًا لَنَا وَكُنْ مُعِينَا
اسان جو نگھبان ٿي ۽ اسان جو مددگار بڻجي وڃ
اللَّهُ يَا غَنِيُّ يَا حَمِيدُ
اللَّهُ يَا مُغْنِي وَيَا رَشِيدُ
الله، اي غني، اي ساراهيل
الله، اي غني ڪندڙ، اي هدايت ڏيندڙ
اللَّهُ يَا مُبْدِئُ يَا مُعِيدُ
اللَّهُ يَا عَزِيزُ يَا مَجِيدُ
الله، اي شروعات ڪندڙ، اي موٽائيندڙ
الله، اي عزت وارا، اي بزرگواري وارا
لِعِزِّكَ الْتَّوْحِيدُ يَشْكُو الْهُوْنَا
تنهنجي عزت جي اڳيان، توحيد پنهنجي بيقدري جي شڪايت ڪري ٿي
اللَّهُ يَا قَادِرُ يَا مُقْتَدِرُ
اللَّهُ يَا قَاهِرُ يَا مُؤَخِّرُ
الله، اي قدرت وارا، اي اختيار وارا
الله، اي غالب، اي پوئتي ڪندڙ
اللَّهُ يَا فَاطِرُ يَا مُصَوِّرُ
اللَّهُ يَا مُحْصِي وَيَا مُدَبِّرُ
الله، اي پيدا ڪندڙ، اي صورت ڏيندڙ
الله، اي ڳڻپ ڪندڙ، اي تدبير ڪندڙ
دَبِّرْ لَنَا وَدَمِّرِ الْعَادِينَا
اسان لاءِ تدبير فرماءِ ۽ زيادتي ڪندڙ دشمنن کي تباهه ڪر
اللَّهُ يَا دَائِمُ لَا يَمُوتُ
اللَّهُ يَا قَائِمُ لَا يَفُوتُ
الله، اي هميشه رهندڙ جنهن کي موت ناهي
الله، اي قائم رهندڙ جنهن کان ڪجهه وڃائجي نٿو
اللَّهُ يَا مُحْيِي وَيَا مُمِيتُ
اللَّهُ يَا مُغِيثُ يَا مُقِيتُ
الله، اي زندگي ڏيندڙ، اي موت ڏيندڙ
الله، اي فرياد رس، اي روزي پهچائيندڙ
كُنْ غَوْثَنَا وَحِصْنَنَا الْحَصِينَا
اسان جي فرياد رسي ڪر ۽ اسان جي لاءِ مضبوط قلعو ٿي
اللَّهُ يَا بَاسِطُ أَنْتَ الْوَاسِعُ
اللَّهُ يَا قَابِضُ أَنْتَ الْمَانِعُ
الله، اي ڪشادگي ڪندڙ تون ئي وسعت وارو آهين
الله، اي تنگي ڪندڙ تون ئي روڪيندڙ آهين
اللَّهُ يَا خَالِقُ أَنْتَ الْجَامِعُ
اللَّهُ يَا خَافِضُ أَنْتَ الْرَّافِعُ
الله، اي خالق تون ئي سڀني کي گڏ ڪندڙ آهين
الله، اي پست ڪندڙ تون ئي بلند ڪندڙ آهين
اِرْفَعْ مَعَالِينَا لِعِلِّيِّينَا
اسان جي مرتبن کي اعليٰ مقام تائين بلند فرماءِ
اللَّهُ ذُو الْمَعَارِجِ الْرَّفِيعُ
اللَّهُ يَا وَافِي وَيَا سَرِيعُ
الله، مٿانهن درجن وارو ۽ بلند
الله، اي واعدو نڀائيندڙ، اي تيز حساب وٺندڙ
اللَّهُ يَا كَافِي وَيَا سَمِيعُ
يَا نُورُ يَا هَادِي وَيَا بَدِيعُ
الله، اي ڪافي، اي ٻڌندڙ
اي نور، اي هدايت ڏيندڙ، اي نئون پيدا ڪندڙ
أَدَّبْتَنَا بِمَا جَرَى يَكْفِينَا
جيڪو ڪجهه ٿيو ان سان تو اسان کي ادب سيکاريو، اهو اسان لاءِ ڪافي آهي
اللَّهُ ذُو الْجَلَالِ وَالْإِكْرَامِ
اللَّهُ ذُو الْطَّوْلِ عَلَى الْدَّوَامِ
الله، جلال ۽ اڪرام وارو
الله، هميشه فضل ۽ احسان وارو
اللَّهُ يَا ذَا الْفَضْلِ وَالْإِنْعَامِ
وَالْسَّيِّدُ الْمِطْلَقُ لِلْأَنَامِ
الله، اي فضل ۽ انعام وارا
۽ سڄي مخلوق جو اصل ۽ مطلق مالڪ
ارْحَمْ عَبَيْدًا لَكَ عَابِدِينَا
پنهنجن انهن ننڍڙن ٻانهن تي رحم ڪر جيڪي تنهنجي عبادت ڪن ٿا
اللَّهُ يَا أَوَّلُ أَنْتَ الْوَاحِدُ
اللَّهُ يَا آخِرُ أَنْتَ الْرَّاشِدُ
الله، اي پهريان، تون ئي اڪيلو آهين
الله، اي پڇاڙي، تون ئي سچو رهبر آهين
يَا وِتْرُ يَا مُتَكَبِّرُ يَا وَاجِدُ
يَا بَرُّ يَا مُتَفَضِّلُ يَا مَاجِدُ
اي ويتر، اي وڏائي وارا، اي سڀ ڪجهه حاصل ڪندڙ
اي نيڪي ڪندڙ، اي فضل وارا، اي بزرگواري وارا
بِفَضْلِكَ اقْبَلْنَا عَلَى مَا فِينَا
پنهنجي فضل سان اسان کي قبول فرماءِ، باوجود انهن عيبن جي جيڪي اسان ۾ آهن
اللَّهُ يَا مُبِينُ يَا وَدُودُ
اللَّهُ يَا مُحِيطُ يَا شَهِيدُ
الله، اي حق ظاهر ڪندڙ، اي محبت ڪندڙ
الله، اي گهيرو ڪندڙ، اي حاضر ناظر
اللَّهُ يَا مَتِينُ يَا شَدِيدُ
يَا مَنْ هُوَ الْفَعَّالُ مَا يُرِيدُ
الله، اي مضبوط، اي سخت گرفت وارا
اي اهو جيڪو چاهي ٿو سو ڪري ٿو
إِنَّا ضِعَافٌ لَكَ قَدْ لَجِينَا
بيشڪ اسان ڪمزور آهيون، تنهنجي ئي پناهه ورتي اٿون
اللَّهُ يَا مُعِزُّ يَا مُقَدِّمُ
اللَّهُ يَا مُذِلُّ يَا مُنْتَقِمُ
الله، اي عزت ڏيندڙ، اي اڳتي ڪندڙ
الله، اي ذليل ڪندڙ، اي بدلو وٺندڙ
الْبَادِئُ الْبَاقِي فَلَا يَنْعَدِمُ
الْمُحْسِنُ الْوَالِي الْحَفِيظُ الْأَكْرَمُ
شروعات ڪندڙ، باقي رهندڙ جنهن کي ڪڏهن فنا ناهي
احسان ڪندڙ، ولي، محافظ ۽ وڏو ڪريم
ليسَ لَنَا سِوَاكَ مَنْ يَحْمِينَا
تنهنجي کانسواءِ اسان جو ٻيو ڪو ناهي جيڪو اسان جي حفاظت ڪري
اللَّهُ يَا وَارِثُ أَنْتَ الْأَبَدُ
اللَّهُ يَا بَاعِثُ أَنْتَ الْأَحَدُ
الله، اي وارث، تون ئي ابدي آهين
الله، اي اٿاريندڙ، تون ئي هڪ آهين
يَا مَالِكَ الْمُلْكِ الْإِلَهُ الْصَّمَدُ
لَا كُفُوءٌ لَا وَالِدٌ لَا وَلَدُ
اي ملڪن جا مالڪ، اي معبود برحق ۽ صمد
نه تنهنجو ڪو مٽ آهي، نه پيءُ ۽ نه اولاد
كُفَّ الْعِدَا عَنَّا فَقَدْ أُوذِينَا
دشمنن کي اسان کان روڪي ڇڏ، بيشڪ اسان کي تڪليف پهتي آهي
اللَّهُ يَا غَالِبُ يَا قَهَّارُ
اللَّهُ يَا نَافِعُ أَنْتَ الْضَّارُّ
الله، اي غالب، اي زبردست
الله، اي نفعو ڏيندڙ، تون ئي نقصان پهچائيندڙ آهين
اللَّهُ يَا بَارِئُ يَا غَفَّارُ
يَا رَبُّ يَا ذَا الْقُوَّةِ الْجَبَّارُ
الله، اي پيدا ڪندڙ، اي معاف ڪندڙ
اي رب، اي قوت وارا ۽ زبردست
قَوِّمْ لَنَا الْدُّنْيَا وَقَوِّ الْدِّينَا
اسان جي دنيا کي درست ڪر ۽ اسان جي دين کي طاقتور بڻاءِ
اللَّهُ رَبُّ الْعِزَّةِ الْسَّلَامُ
الْمُؤْمِنُ الْمُهَيْمِنُ الْعَلَّامُ
الله، عزت جو رب، سلامتي وارو
امن ڏيندڙ، نگهبان ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ
ذُو الْرَّحْمَةِ الْأَعْلَى الْأَعَزُّ التَّامُّ
مَنْ دِينُهُ الْحَقُّ هُوَ الْإِسْلَامُ
رحمت وارو، مٿانهون، وڏي عزت وارو ۽ مڪمل
جنهن جو دين سچو آهي ۽ اهو اسلام آهي
قَيِّضْ لَهُ الْلَّهُمَّ نَاصِرِينَا
اي الله! هن دين لاءِ مددگار پيدا فرماءِ
اللَّهُ أَنْتَ الْمُتَعَالِي الْحَكَمُ
الْفَرْدُ ذُو الْعَرْشِ الْوَلِيُّ الْأَحْكَمُ
الله، تون ئي مٿانهون ۽ فيصلو ڪندڙ آهين
اڪيلو، عرش وارو، ولي ۽ سڀ کان وڏو حڪيم
الْغَافِرُ الْمُعْطِي الْجَوَادُ الْمُنْعِمُ
الْعَادِلُ الْعَدْلُ الْصَّبُورُ الْأَرْحَمُ
بخشيندڙ، عطا ڪندڙ، سخي ۽ احسان ڪندڙ
عادل، سراپا عدل، صبر ڪندڙ ۽ نهايت رحم ڪندڙ
مَكِّنْ لَنَا فِي أَرْضِنَا تَمْكِينَا
اسان کي اسان جي زمين ۾ مڪمل اقتدار ۽ مضبوطي عطا ڪر
اللَّهُ يَا قُدُّوسُ يَا بُرْهَانُ
يَا بَرُّ يَا حَنَّانُ يَا مَنَّانُ
الله، اي پاڪ، اي روشن دليل
اي نيڪي ڪندڙ، اي ٻاجھارا، اي وڏا احسان ڪندڙ
يَا حَقُّ يَا مُقْسِطُ يَا دَيَّانُ
تَبَارَكَتْ أَسْمَاؤُكَ الْحِسَانُ
اي حق، اي انصاف ڪندڙ، اي جزا ڏيندڙ
برڪت وارا آهن تنهنجا سڀئي سهڻا نالا
بِهَا قَرَعْنَا بَابَكَ الْمَصُونَا
انهن نالن جي وسيلي اسان تنهنجو محفوظ در کڙڪايو آهي
اللَّهُ يَا خَلَّاقُ يَا مُنِيبُ
اللَّهُ يَا رَزَّاقُ يَا حَسِيبُ
الله، اي وڏا پيدا ڪندڙ، اي توبهه قبول ڪندڙ
الله، اي روزي ڏيندڙ، اي حساب وٺندڙ
اللَّهُ يَا قَرِيبُ يَا رَقِيبُ
الْمُسْتَعَانُ الْسَّامِعُ الْمُجِيبُ
الله، اي ويجهو، اي نگهبان
جنهن کان مدد گهري وڃي ٿي، جيڪو ٻڌندڙ ۽ جواب ڏيندڙ آهي
إِنَّا دَعَوْنَاكَ اسْتَجِبْ آمِينَا
اسان توکي ئي پڪاريو آهي، اسان جي دعا قبول ڪر، آمين