حُبُّ الْحُسَيْنْ
حُبِ حُسين
Sd
Sd
حُبُّ الْحُسَيْنْ وَسِيلَةُ الْسُّعَدَاءِ
وَضِيَاؤُهُ قَدْ عَمَّ فِي الْأَرْجَاءِ
حسين جي محبت سعادت مندن جو وسيلو آهي
۽ سندس روشني چؤطرف پکڙيل آهي
سِبْطٌ تَفَرَّعَ مِنْهُ نَسْلُ الْمُصْطَفَى
وَأَضَاءَ مِصْرْ بِوَجْهِهِ الْوَضَّاءِ
اهو ڏوهٽو جنهن مان مصطفيٰ صہ جي نسل هلي
۽ جنهن پنهنجي منور چهري سان مصر کي روشن ڪيو
فَهُوَ الْكَرِيمْ اِبْنُ الْكَرِيمْ
وَجَدُّهُ خَيْرُ الْأَنَامْ وَسَيِّدُ الْشُّفَعَاءِ
ڇو ته هو ڪريم آهي ۽ ڪريم جو فرزند آهي
جنهن جو ڏاڏو سڀني انسانن کان ڀلو ۽ شفاعت ڪندڙن جو سردار آهي