هَذَا الْمَقَامُ الَّذِي لَاذَتْ بِهِ الْأُمَمُ
هي اهو مقام آهي جنهن جي پناهه قومن ورتي.
Sd
هَذَا الْمَقَامُ الَّذِي لَاذَتْ بِهِ الْأُمَمُ
وَأَذْعَنَتْ لِعُلَاهُ الْعُرْبُ وَالْعَجَمُ
هي اهو مرتبو آهي جنهن جي پناهه سڀني قومن ورتي
۽ جنهن جي بلنديءَ آڏو عرب ۽ عجم سڀ جهڪي ويا
هَذَا مَقَامُ رَسُولِ اللَّهْ أَكْرَمُ مَنْ
جَاءَتْهُ مِنْ رَبِّهِ الْأَحْكَامُ وَالْحِكَمُ
هي الله جي رسول جو مقام آهي، جيڪو سڀني کان معزز آهي
جنهن وٽ سندس رب پاران احڪام ۽ دانائيون آيون
هَذَا مُحَمَّدُ الْهَادِي الَّذِي مُحِيَتْ
عَنَّا بِنُورِ هُدَاهُ الْظُّلْمُ وَ الْظُّلَمُ
هي محمد ﷺ هادي آهن، جن جي ذريعي مٽجي وئي
اسان تان سندن هدايت جي نور سان هر هڪ اونداهي
هَذَا الَّذِي قَدْ سَمَا فَوْقَ الْسَّمَا
إِلَى مَقَامِ عِزٍّ تَنَاهَتْ دُونَهُ الْأُمَمُ
هي اهو آهي جيڪو آسمانن کان به بلند تر ٿي ويو
ان عزت واري مقام تائين جتي ڪا قوم پهچي نه سگهي
يَا سَيِّدِي يَا رَسُولَ اللَّهْ يَا أَمَلِي
يَا مَنْ أَلُوذُ بِهِ إِنْ زَلَّتِ الْقَدَمُ
اي منهنجا سردار، اي الله جا رسول، اي منهنجي اميد
اي اهو جنهن جي آءٌ پناهه وٺان ٿو جڏهن قدم ٿڙڪي وڃن
بِكَ اهْتَدَيْتُ إِلَى الْإِيمَانِ فَاتَّصَلَتْ
بِذَاكَ عِنْدِي مِنْ أَفْضَالِكَ الْنِّعَمُ
توهان جي ذريعي مون ايمان جي واٽ لڌي، تنهنڪري پهتا
مون تائين ان سبب توهان جي ئي ڪرم جا بيشمار انعام
صَلَّى عَلَيْكَ إِلَهُ الْخَلْقِ مَا سَجَعَتْ
وَرْقٌ وَمَا هَطَلَتْ مِنْ سُحْبِهَا دِيَمُ
توهان تي خالق جا درود هجن جيستائين ڪبوتر پيا لاتيون لنون
۽ جيستائين بادلن مان مسلسل برساتون پيون وسن