طَابَ لِي خَلْعُ عِذَارِي
منهنجو لڄ لاهڻ مون کي سونهي ٿو
Sd
Sd
طَابَ لِي خَلْعُ عِذَارِي
فِي هَوَى الْبَدْرِ الْتَّمَامْ
منهنجي بيخودي مون کي وڻي ٿي
ڪامل چوڏهينءَ جي چنڊ جي عشق ۾
بِافْتِقَارِي وَانْكِسَارِي
أَرْتَجِيْ نَيْلَ الْمَرَامْ
پنهنجي محتاجي ۽ عاجزيءَ سان
مان مقصد ماڻڻ جي اميد رکان ٿو
يَا عَذُوْلِي لَا تَلُمْنِي
مَا عَلَى الْعَاشِقُ مَلَامْ
اي منهنجا ملامت ڪندڙ، مون کي طعنو نه ڏي
عاشق تي ڪنهن به قسم جي ملامت ناهي
اُدْنُ مِنِّي وَارْوِ عَنِّيْ
أَنَا فِي الْعِشْقِ إِمَامْ
مون کي ويجهو ٿي ۽ منهنجي طرفان بيان ڪر
مان عشق جي فن ۾ امام آهيان
خَمْرَةُ الْأَحْبَابِ تُجْلَ
هِيَ حِلٌّ لَا حَرَامْ
پيارن جي محبت جو جام پيش ڪيو وڃي ٿو
اهو حلال آهي، حرام ناهي
مِنْ عُيُونِ الْعِيْنِ تُمْلَى
صَانَهَا الْبَرُّ الْسَّلَامْ
خوبصورت اکين جي چشمن مان اهو ڀريو وڃي ٿو
جنهن کي محسن ۽ سلامتي واري رب محفوظ ڪيو آهي
يَا أَخَا الْأَشْوَاقِ يَمِّمْ
سَيِّدَ الْرُّسْلِ الْكِرَامْ
اي شوق ۽ تمنا جا گهرجائو، پنهنجو رخ ڪر
معزز رسولن جي سردار ڏانهن
وَاغْنَمِ الْذِّكْرَ وَزَمْزِمْ
بِصَلَاةٍ مَعْ سَلَامْ
ذڪر کي غنیمت سمجھ ۽ گونجار ڪر
درود ۽ سلام جي هٻڪار سان
لِحَبِيْبِ الله أَحْمَدْ
كُلَّمَا جَنَّ الْظَّلَامْ
الله جي حبيب احمد (ﷺ) لاءِ
جڏهن به رات جي اونداهي ڇائجي وڃي
كُلُّ مَنْ وَالَاهُ يَسْعَدْ
وَيَنَالْ حُسْنَ الْخِتَامْ
جيڪو به ساڻس محبت ڪري ٿو اهو بختيار ٿئي ٿو
۽ حسنِ خاتمو حاصل ڪري ٿو