بَادِرْ لَقَدْ فَاتَتْكَ الْغَنَائِمْ
تڪڙ ڪر! غنيمتون توکان نڪري ويون آهن.
Sd
بَادِرْ لَقَدْ فَاتَتْكَ الْغَنَائِمْ
تَقَاسَمُوهَا وَأَنْتَ نَائِمْ
جلدي ڪر! بيشڪ غنيمتون توکان نڪري ويون
انهن غنيمتون ورڇي ڇڏيون ۽ تون ستل هئين
وَلَوْ رَأَيْتَ الَّذِينَ فَازُوا
نُحْتَ كَمَا نَاحَتِ الْحَمَائِمْ
جيڪڏهن تون انهن کي ڏسين ها جن ڪاميابي ماڻي
ته تون ائين دانهون ڪرين ها جيئن ڪبوتر ڪن ٿا
إِنْ رُمْتَ أَلَّا تَكُونَ نَادِمْ
قُمْ لِحَبِيبِ الْقُلُوبِ لَازِمْ
جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته پشيمان نه ٿين
ته اٿ ۽ دلين جي محبوب سان جڙي وڃ
وَلَازِمِ الْبَابَ يَا مُعْنَّى
إِنَّ الْسَّعِيدَ الَّذِي يُلَازِمْ
اي بي چين روح! در کي لازمي پڪڙي رک
ڇو ته بخت وارو اهو آهي جيڪو لڳو رهي ٿو
مَنْ لَازِمَ الْبَابَ نَالَ قُرْبا
وَفَازَ بِالْأَجْرِ وَالْغَنَائِمْ
جنهن در کي لازمي پڪڙيو تنهن قرب ماڻيو
۽ اجر ۽ غنيمتن سان ڪامياب ٿيو
وَلَا تَنَمْ سَاعَةَ الْتَّجَلِّي
فَلَيْسَ يَحْظَى بِالْأَجْرِ نَائِمْ
تجليءَ جي گهڙيءَ ۾ غافل ٿي نه سمهه
ڇو ته سمهندڙ ڪڏهن به اجر نٿو پائي سگهي
قَدْ جَرَحَتْ قَلْبِيَ الْخَطَايَا
وَلَسْتُ أَلْقَى لَهَا مَرَاهِمْ
گناهن منهنجي دل کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي
۽ مونکي ان لاءِ ڪا ملم نٿي ملي
سِوَى الْرِّضَا مِنْكَ يَا إِلَهِي
يَا وَاسِعَ الْجُودِ وَالْمَكَارِمْ
سواءِ تنهنجي رضا جي، اي منهنجا مولا
اي وڏي سخاوت ۽ ڪرم وارا
وَقَدْ تَوَسَّلْنَا يَا إِلَهِي
بِسَيِّدِ الْعَرَبِ وَالْأَعَاجِمْ
اسان تنهنجي بارگاهه ۾ وسيلو ورتو آهي
عرب توڙي عجم جي سردار جي طفيل
نَبِيِّنَا الْمُصْطَفَى الْتِّهَامِي
مَنْ جَاءَ لِلْأَنْبِيَاءِ خَاتَمْ
اسان جو نبي مصطفيٰ تهامي
جيڪو سڀني نبين لاءِ خاتم ٿي آيو