صَلَّى عَلَيْكَ اللَّهُ يَا عَدْنَانِ
تو تي الله جون رحمتون هجن اي عدنان!
Sd
صَلَّى عَلَيْكَ اللَّهُ يَا عَدْنَانِ
يَا مُصْطَفَى يَا صَفْوَةَ الْرَّحْمَٰنِ
الله تو تي رحمت نازل فرمائي اي عدناني
اي مصطفيٰ، اي رحمان جا چونڊيل ٻانها
الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَعْطَانِي
هَذَا الْغُلَامَ الْطَّيِّبَ الْأَرْدَانِ
شڪر ان الله جو جنهن مونکي عطا فرمايو
هي پاڪيزہ خصلتن ۽ پاڪ دامن وارو فرزند
قَدْ سَادَ فِي الْمَهْدِ عَلَى الْغِلْمَانِ
أُعِيذُهُ بِالْبَيْتِ ذِي الْأَرْكَانِ
هي پينگهي ۾ ئي سڀني ٻارن تي سردار بڻيو
مان هن کي ان (ڪعبي جي) گهر جي پناهه ۾ ڏيان ٿو جيڪو رڪنن وارو آهي
حَتَّى أَرَاهُ بَالِغَ الْبُنْيَانِ
أَنْتَ الَّذِي سُمِّيتَ فِي الْقُرْآنِ
تان جو مان هن کي مڪمل قد قامت (جواني) ۾ ڏسان
تون اهو آهين جنهن جو نالو قرآن ۾ ورتو ويو آهي
أَحْمَدُ مَكْتُوبٌ عَلَى الْجِنَانِ
صَلَّى عَلَيْكَ اللَّهُ فِي الْأَحْيَانْ
احمد نالو جنتن جي دروازن تي لکيل آهي
الله تو تي هر وقت پنهنجون رحمتون نازل فرمائي
أَحْمَدُهُ فِي الْسِّرِّ وَالْإِعَلْأَنِ
حَقًّا عَلَى الْإِسْلَامِ وَالْإِيمَانِ
مان ان جي واکاڻ ڪريان ٿو ڳجهي ۽ پڌري طرح
جيڪو اسلام ۽ ايمان جي سچائيءَ جو حق آهي
يَا رَبَّنَا بِالْمُصْطَفَى الْعَدْنَانِ
اغْفِرْ ذُنُوبِي ثُمَّ أَصْلِحْ شَأْنِي
اي اسان جا رب! مصطفيٰ عدنانيءَ جي وسيلي
منهنجا گناهه بخش ۽ منهنجو حال سنوار (درست ڪر)