لِغَيْرِ جَمَالِكُمْ نَظَرِي حَرَامُ
توهان جي جمال کانسواءِ منهنجي نظر حرام آهي
Sd
لِغَيْرِ جَمَالِكُمْ نَظَرِي حَرَامُ
وَغَيْرُ كَلَامُكُمْ عِنْدِي كِلَامُ
توهان جي حسن کانسواءِ منهنجي نگاهه حرام آهي
۽ توهان جي گفتگو کانسواءِ ٻي هر ڳالهه منهنجي لاءِ بي معنيٰ آهي
وَعُمْرُ الْنَّسْرِ مِنْكُمْ بَعْضُ يَوْمٍ
وَسَاعَةُ غَيْرِكُمْ عَامٌ فَعَامُ
توهان جي قرب ۾ عقاب جي عمر هڪ گهڙي برابر آهي
جڏهن ته ٻين سان گذاريل هڪ پل سالن پٺيان سال آهي
وَصَبْرِي عَنْكُمُ شَيْءٌ مُحَالٌ
وَمَا لِي قَاتِلٌ إِلَّا الْفِطَامُ
توهان کان سواءِ صبر ڪرڻ منهنجي لاءِ ناممڪن آهي
۽ جدائيءَ جي صدمي کانسواءِ منهنجو ٻيو ڪو قاتل ناهي
إِذَا عَايَنْتُكُمْ زَالَتْ هُمُومِيْ
وَإِنْ غِبْتُمْ دَنَا مِنِّيْ الْحِمَامُ
جڏهن توهان جو ديدار ٿئي ٿو ته سڀ غم مٽجي وڃن ٿا
پر جيڪڏهن توهان اوجهل ٿيو ته منهنجي موت ويجهي اچي ٿي
أَوَدُّ بِأَنْ أَكُونَ لَكُمْ جَلِيسًا
وَتُنْصَبَ لِي بِرَبْعِكُمُ خِيَامُ
منهنجي اها تمنا آهي ته مان توهان جو همنشين بڻجي وڃان
۽ توهان جي آستاني تي منهنجا خيما کوڙيا وڃن
فَدَاوُوا بِالْوِصَالِ مَرِيضَ هَجْرٍ
يَهِيمُ بِكُمْ إِذَا سَجَعَ الْحَمَامُ
وصال جي ذريعي هن هجر جي مريض جو علاج ڪريو
جيڪو تڏهن بيقرار ٿئي ٿو جڏهن ڪبوتر لاتيون لنئون ڪن ٿا
حَدِيثُ غَرَامِهِ فِيكُمْ قَدِيمٌ
وَمَلْبَسُهُ مِنَ الْحُبِّ الْسِّقَامُ
توهان جي عشق جو داستان تمام قديم آهي
۽ محبت جي تڙپ ۾ هن جو لباس بيماري ۽ ناتواني آهي
فَأَنْتُمْ فِي الْأُصُولِ أَجَلُّ أَصْلٍ
إِذَا شِئْتُمْ تَحَصَّلَ لِي الْمَرَامُ
توهان حقيقت ۾ سڀ کان اعليٰ اصل آهيو
جيڪڏهن توهان چاهيو ته منهنجي هر مراد پوري ٿي وڃي
بِكُمْ صَعْبُ الْأُمُورِ يَعُودُ سَهْلًا
فَبِالْإِحْسَانِ جُودُوا يَا كِرَامُ
توهان جي وسيلي مشڪل معاملا آسان ٿي وڃن ٿا
اي سڳورا! پنهنجي احسان سان اسان تي سخاوت فرمايو
وَلَيْسَ سِوَاكُمُ لِلْجُودِ أَهْلًا
فَكَيْفَ نَزِيلُ سُوحِكُمُ يُضَامُ
توهان کانسواءِ ڪير به سخاوت جو لائق ناهي
پوءِ ڪيئن ممڪن آهي ته توهان جي در جو مهمان تڪليف ۾ هجي